سنڌ جي وڏي وزير جناب مراد علي شاھ آءِ جي سنڌ کان ٻه ڏينهن اڳ نوابشاھ لڳ ڪيريا موري وٽ سئوٽن هٿان ڀنگوار قبيلي جي ڇهن سڳن ڀائرن جي پرتشدد قتل واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي جڏهن ته پ پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري هن واقعي جي مذمت ڪندي متاثر خاندانن کي انصاف جي فراهمي جو يقين ڏياريو آهي۔
اهو واقعو زمين ۽ پاڻي جي معاملي تان ٿيو جيڪو ڌرين وچ ۾ گذريل پندرهن سالن کان هلندڙ هو جنهن ۾ مقتول ڌر وارن جوابدار ڌر جا ٻه ڄڻا قتل ڪيا هئا جنهن جي پلاند ۾ جيئن فوتي عدالت شنوائي تي وڃي رهيا هئا ته سندن مخالف سئوٽن مٿن انڌا ڌند فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ ڀنگوار قبيلي جا ڇهه ڄڻا هرهڪ يار محمد رجب شهباز فرمان قربان حبدار موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جن ۾ ٽي سڳا ڀائر به شامل آهن۔ ڇهن ئي فوتين جا مڙهه جڏهن ڳوٺ پهتا ته روڄ راڙو ۽ قيامت خيز منظر ڏسڻ ۾ مليا جتي رڳو عورتون ۽ معصوم ٻارڙا موجود هئا جن جو اهو چوڻ هو ته اسان نياڻيون قران پاڪ کڻي مخالفن جي درن تي وياسين پر مخالفن در بند ڪري ڇڏيا اسان نياڻين ۽ قران شريف کي ڪو به مان نه ڏنو۔ڪجهه ڌرين جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ ووٽن وجهڻ تان جهيڙو شروع ٿيو هو جنهن ۾ جوابدار ڌر جا ٻه ڄڻا قتل ٿيا هئا ۽ هي واقعو انجي پلاند ۾ ٿيو آهي جوابدارن ڇهن ڀائرن جو خون ڪري ڳوٺ خالي ڪري اتان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جن جي گرفتاري لاءِ پوليس سندن گهرن کي بلڊوزرن سان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي۔نوابشاهه واقعي سبب هڪ نه پر ڇهه خاندان تباهه ٿي ويا آهن۔
نوابشاهه سانحي نه صرف اتان جي مقامي ماڻهن کي صدمي ۽ خوف ۾ وجهي ڇڏيو آهي پر سنڌ سميت پوري دنيا اندر هن واقعي جي مذمت ڪئي پئي وڃي۔انساني حقن وارا ادارا به سخت ڳڻتي ۾ ورتل آهن ته هڪ ئي وقت ڇهن ڀائرن جو قتل ڪرڻ ڪهڙو انصاف آهي۔عدالتون پوليس ڪهڙي سبب بيوس بڻيل آهن جو سنڌ ۾ هن قسم جا واقعا ۽ سانحا معمول بڻيل آهن۔هن قسم جو هي ڪو پهريون واقعو يا سانحو ناهي پر سنڌ ۾ هن قسم جا واقعا هر آئي ڏينهن ڪٿي نه ڪٿي ٿين ٿا جن جو ڪو به داد فرياد نه ٿيڻ ڪري هر ماڻهو ڏاڍ جو شڪار ٿي رهيو آهي جو مک سبب اهو به آهي ته ڏاڍ ڪندڙ سردارن ۽ وڏيرن جا واٺا آهن يا وري انهن جي بدنيتي تي ٻڌل فيصلن سبب ۽ ڳرا ڏنڊ مڙهڻ سبب ڌرين ۾ انتقام جو جذبو وڌي ٿو۔پوليس به سردارن ۽ وڏيرن جي اثر رسوخ سبب ماڻهن کي پوري ريت تحفظ يا انصاف ڏئي نٿي سگهي جج به شاهدين تي يقين ڪن ٿا ۽ عوام ڊپ ۾ ورتل هجڻ ڪري حق جون شاهديون ڏيڻ کان ڪترائين ٿا۔نه صرف ايترو پر جج به انصاف تي عمل نٿا ڪن سردارن وڏيرون ۽ حڪومتي ڏاڍ جي طرفداري ڪن ٿا ڪيس سالن جو سال هلائين ٿا يا قانون پٽاندڙ فيصلا نٿا ڏين۔اهڙي نظام کي بدلائڻ جي سخت ضرورت آهي جنهن ۾ سردارن وڏيرن پوليس ۽ عدالتن جي ناانصافين ۽ ٻٽي روين جو مڪمل خاتمو اچي سگهي۔رڳو گذريل ڏهن پندرهن سالن ۽ ويجهڙائي جو جائزو وٺبو ته سنڌ ۾ سون جي انگ ۾ پورهيت ماڻهو زرعي پورهيت ليکڪ صحافي اديب وڪيل سرڪاري ملازم قبائلي جهيڙن ذاتي اختلافن ڪارو ڪاري ۽ مذهبي جنونيت جي۽ ڪري ماريا ويا آهن جن جو گهڻو ڪري الزام پوليس وڏيرن ۽ ڏاڍ مڙسن تي عائد ٿيو آهي ۽ اهي جزا ۽ سزا کان آجا رهيا آهن۔
نوابشاهه سانحو انهيءَ ڪري به نوٽيس وٺڻ جهڙو آهي جو هڪ ئي خاندان جا ڇهه هاري پورهيت سڳا ڀائر ڏاڍ سبب زمين ۽ پاڻي جي معاملي تان قتل ٿيا آهن جن جا ڪيس عدالت ۾ هلي رهيا هئا عدالت به هنن جو تحفظ ڪري نه سگهي۔سنڌ ۾ زمينن جي معاملن تي جيڪي به تڪرار ٿين ٿا انهن ۾ مقامي سردارن ۽ وڏيرن جو جو ته هٿ هوندو ئي آهي جن جا پنهنجا مفاد هوندا آهن پر روينيو کاتو ۽ پوليس به وڏي ذميوار آهي جيڪي مخالفن کان وڏيون رقمون وٺي کاتا بدلائين ٿا ۽ متاثرين جي شڪايتن جو فوري حل نٿا ڪن ۽ زمينن تي ٿيندڙ ناجائز قبضن جا ذميوار به روينيو ڪامورا ۽ پوليس ٻئي ذميوار آهن جيڪي ڪجهه پئسن خاطر ڏاڍ مڙسن جو طرف وٺن ٿا۔روينيو عدالتن ۾ به ڪو انصاف ناهي اهي به مختيارڪارن ۽ تپيدارن جي فيصلن کي اهميت ڏين ٿا سالن جا سال ڪيس هلائين ٿا مجال آ جو مختيارڪار يا تپيدار ميمبرن جي سڏ تي عدالت ۾ پيش ٿين يا رڪارڊ پيش ڪن جنهن سان به سنڌ ۾ قبائلي جهيڙا ڪر کڻن ٿا۔نوابشاهه سانحو به ڪجهه اهڙي طرح جو پيو لڳي جڏهن جاچ ٿيندي ته سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو۔ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ زمينن ڪارو ڪاري ۽ ٻين معمولي معاملن تي ٿيندڙ قبائلي جهيڙن جو خاتمو آڻڻ گهرجي جنهن لاء موثر قانون سازي ٿيڻ گهرجي۔ ڇهن سڳن ڀائرن جي قتل ٿيڻ نوابشاهه واري سانحي کي معمولي وٺڻ نه گهرجي ان جي تهه ۾ وڃڻ گهرجي۔پوليس پاران جوابدارن جي گهرن کي ڊاهڻ ۽ سندن سامان ضبط ڪرڻ سان هاري پورهيت شهيد ڀائرن ۽ سندن پونيئرن کي انصاف ملي به سگهندو۔هن سانحي ۾ شامل انهن ڏاڍن هٿن کي به وائکو ڪرڻ ضروري آهي جن واقعي جي سهولتڪاري ڪئي ۽ واقعي جي فوري بعد کين ڳوٺ خالي ڪرڻ ۾ مدد ڪئي۔جن به ڇهن ڀائرن جو قتل ڪيو هوندو ضرور خوف ۾ ورتل هوندا اهي واقعي جي فوري بعد ڪيئن ٿا ڳوٺ خالي ڪري سگهن ۽ ٻار وٺي وڃي سگهن ٿا۔هنن واقعي کان اڳ ئي ڳوٺ خالي ڪيو هوندو۔پوليس کي سمورن رخن کان ڏسڻو جاچڻو پوندو۔زمين ۽ پاڻي جو رڪارڊ جاچڻو پوندو ته اهو ڇا ٿو چوي۔مقامي پوليس وٽ به ضرور هڪٻئي خلاف شڪايتون آيون هونديون پوليس ڪهڙو تدارڪ ڪيو ۽ مقامي وڏيرن جو هن ڏس ۾ ڪهڙو ڪردار رهيو۔سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هن ڏس ۾ نوٽيس ورتو سٺي ڳالهه آهي پر کيس روينيو کاتي ۽ پوليس جي ڪارڪردگي به بهتر بنائڻ گهرجي جن جي ڪري سنڌ ۾ قبائلي جهيڙا پئدا ٿين ٿا بيگناهه مارجن ٿا۔خدا واسطي روينيو ڪورٽون بند ڪريو جيڪي سنڌ ۾ ڪرپشن جون پاڙون ۽ اڏا آهن جيڪي ڪنهن به قسم جو انصاف فراهم نٿيون ڪن۔روينيو ڪورٽون ۽ پوليس پنهنجي ساک وڃائي ويٺي آهي۔جيئن ته هي واقعو نوابشاهه ۾ ٿيو آهي پ پ پ قيادت کي اتي فوري پهچڻ گهرجي ها۔بهرحال هي واقعو ڪنهن پلاند جو حصو آهي يا ڪو ٻيو سبب مذمت جوڳو عمل آهي جنهن لاء حڪومت اڳڀرائي ڪري قبائلي جهيڙن جو انت آڻي۔