خيرپور لڳ خوفناڪ حادثو، عورت سميت 6 ڄڻا فوت، 10 زخمي

خيرپور/کهڙا (رپورٽ عبدالمتين مهر+ فياض رتڙ) سکر کان سيوهڻ ويندڙ مسافر وين قومي شاهراهه تي ڪلٽي عورت سميت 5 ڄڻا فوت، 10 کان مٿي زخمي ٿي پيا. سکر کان سيوهڻ ويندڙ هڪ مسافر وين قومي شاهراهه تي درگاهه مسڪين پور ڀرسان ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت  سميت 5 ڄڻا فوت ۽ 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا . فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور گمبٽ ميڊيڪل اسپتال (گمس) منتقل ڪيو ويو جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي فوت ٿيلن مان هڪ عورت جي سڃاڻپ شمعان خاتون طور ڪئي وئي آهي جيڪا درگاهه مسڪين پور جي رهواسڻ ٻڌائي پئي وڃي. حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ٻين ماڻهن ۾ وين جو ڊرائيور ارشد به شامل آهي جڏهن ته زخمين ۾ هڪ معصوم ٻارڙو به شامل آهي جنهن علاج دوران زخمن جا تاب نه سهندي دم ڏنو گمس اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ زخمين جون دانهون رڙيون ۽ ڪاڪون ٻڌڻ وٽان هيون جتي ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وئي. پوليس ۽ امدادي ادارن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. دير سان ھنڱورجا واسي زخمي غلام حيدر مڱڻيجو، جيڪو حادثي کانپوءِ گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (GIMS) ۾ داخل هو، زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر سکر کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي. وڏي وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.