نوشهروفيروز (رپورٽ: ظفر ٽڳڙ) نوشهري فيروز ۾ پي پي ايڇ آءِ جو ضلعي مينيجر ۽ مڊوائيف آمهون سامهون اچي ويا، جتي الزام بازي، معطلي ۽ عدالت تائين مامرو وڌي ويو آهي. ڪنڊا کاهي سينٽر تي 11 سالن کان مقرر مڊوائيف مسرت هيسباڻي الزام لڳايو آهي ته ڊاڪٽر محسن ڪلهوڙو ۽ ڊاڪٽر عارف شاهه کيس دوستي لاءِ تنگ ڪندا رهيا، ۽ انڪار تي نوڪري تان فارغ ڪري، رهائشي ڪوارٽر خالي ڪرائڻ لاءِ به دٻاءُ وڌو. مڊوائيف جو چوڻ آهي ته انهن جي حرڪتن بابت ثبوت سميت سنڌ جي محتسب اعليٰ، اعليٰ اختيارين ۽ پي پي ايڇ آءِ جي چيف ايگزيڪيوٽو کي لکت ۾ شڪايتون ڏنيون آهن. هن چيو ته انهن ڊاڪٽرن کيس ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش به ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪيو. ٻئي پاسي، پي پي ايڇ آءِ ضلعي مئنيجر ڊاڪٽر محسن ڪلهوڙو وضاحت ڪندي چيو آهي ته مڊوائيف پاران هڪ ڳورهاري عورت کي ڊليوري کان جواب ڏيڻ سبب ٻار رڪشي ۾ ڄائي فوت ٿيو، جنهن بعد ڳوٺاڻن جي شڪايت ۽ جاچ بعد مسرت هيسباڻي کي فارغ ڪيو ويو، ۽ فوت ٿيل ٻار جو ڪيس به والدين عدالت ۾ داخل ڪيو آهي.