بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين هڪ اهڙي تيز ترين ٽرين تي ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪا 600 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندي، يعني اها ٽرين ڪراچي کان لاهور جو فاصلو صرف اڍائي ڪلاڪن ۾ طئي ڪري سگهندي.
هن وقت جپان جي ايم ايل ايس ماگليو ٽرين کي دنيا جي تيز ترين ٽرين قرار ڏنو وڃي ٿو، جيڪا 361 ميل في ڪلاڪ (اٽڪل 580 ڪلوميٽر في ڪلاڪ) جي رفتار سان سفر ڪري ٿي، پر چين جي نئين ٽرين ان کان به وڌيڪ تيز آهي.
چين ۾ جيڪا نئين ٽرين تيار ڪئي پئي وڃي، اها ميگنيٽڪ ليويئيشن (ماگليو) ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آهي، ٽرين جي آزمائش شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪيترن ئي هوائي جهازن کان به تيز رفتار سان سفر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
ڪجهه ڏينهن اڳ چين ۾ ٿيل 17هين ماڊرن ريلوي نمائش دوران هن ٽرين جي تصوراتي ماڊل پيش ڪيو ويو. نمائش دوران ٻڌايو ويو ته ٽرين کي رڳو 7 سيڪنڊن ۾ 600 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار پڪڙڻ جي صلاحيت هوندي.
هن ٽرين جي مدد سان بيجنگ ۽ شنگھائي وچ ۾ سفر، جيڪو هن وقت تيز ترين ٽرين ذريعي ساڍا پنج ڪلاڪ لڳي ٿو، اِهو رڳو اڍائي ڪلاڪن ۾ طئي ڪري سگهبو.
هي ٽرين جون آزمائشي جون مهيني دوران چين جي Hubei صوبي جي Donghu ليبارٽري ۾ ڪيون ويون.
آزمائش دوران 1968 فٽ ڊگهي ٽريڪ تي هن ٽرين 7 سيڪنڊن ۾ 404 ميل في ڪلاڪ (اٽڪل 650 ڪلوميٽر في ڪلاڪ) جي رفتار حاصل ڪئي هئي.
ان باوجود اڃا تائين اها ڳالهه واضح نه ٿي سگهي آهي ته هيءَ ٽرين ڪمرشل بنيادن تي ڪڏهن هلا ئي ويندي ڇو ته ان سلسلي ۾ اڃا به ڪافي ڪم رهيل آهي.
واضح رهي ته ماگليو ٽيڪنالاجي سان ٽرين مخصوص چقمڪي ٽريڪ تي فضا ۾ هلندي آهي، جنهن سبب ٽرين کي زميني رهڙ ۽ آواز جي آلودگي کان بچاءُ ملي ٿو ۽ رفتار به گهڻي وڌي وڃي ٿي.
You might also like