هونئن ته هر ميوو قدرت جو بهترين تحفو آهي، جنهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن مخصوص فائدي سميت ڪيترائي فائدا موجود هوندا آهن، نه رڳو ايترو پر هر ميوي جو ذائقو الڳ هوندو آهي ۽ ذائقي جي حساب سان به ڪيترائي ميوا ماڻهن جي پسند هوندا آهن.
عوامي آواز پنهنجي پڙهندڙن لاءِ وڏي عرصي کان مختلف ميون جي خاصيتن ۽ فائدن بابت ڄاڻ ڏيندي رهندي آهي ته جيئن انهن کي پنهنجي زندگي ۾ شامل ڪري مختلف مسئلا حل ڪري سگهجن ۽ صحت جا فائدا ماڻي سگهجن.
اڄ اسان جنهن ميوي جي ڳالهه ڪنداسين اهو آهي ڄمون، جنهن جو ذائقو کٽو مٺو هوندو آهي ۽ ٻنهي گڏيل ذائقن جي ڪري ڄمون ننڍي ٻارن توڙي وڏن ماڻهن جو وڻندڙ ميوو آهي.
سانوڻ جي موسم ۾ اهو کٽو مٺو ڄَمون کائڻ گرميءَ کان بچاءَ لاءِ وڏو فائديمند هوندو آهي، اهو ميوو ٿڌو هجڻ ڪري معدي کي گرمي کان بچائڻ جو بهترين ذريعو بڻبو آهي.
پر ڄَمون ۾ اهڙا فائدا به آهن، جيڪي توهان کي دنگ ڪري ڇڏيندا.
ڄمون ۾ قدرتي طور تي اينٽي آڪسيڊنٽس موجود هوندا آهن جيڪي اسان جي جسم جي سوڄ کي ختم ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪندا آهن ۽ جسم کي انفيڪشن جهڙي مسئلن کان محفوظ رکندا آهن.
ڄمون وٽامن سي ۽ آئرن سان به ڀرپور هوندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو ۾ آئرن يا وٽامن سي جي کوٽ هجي ته ان کي پنهنجي خوراڪ ۾ ڄَمون شامل ڪرڻ گهرجن.
ڄمن جو جسم جي رت وڌائڻ ۾ به اهم ڪردار هوندو آهي.
ڄمون رت کي صاف ڪندو آهي ۽ رت مان بيڪٽيريا جو خاتمو ڪندو آهي، جنهن جي ڪري چمڙي به صاف ٿيندي آهي ۽ منهن تان موهيڙا وغيرا ختم ٿيندا آهن ۽ چهرو خوبصورت نظر ايندو آهي.
ڄَمن جو شربت جسم مان پاڻي جي کوٽ ختم ڪندو آهي ۽ ماڻهوءَ کي تازو توانو رکندو آهي.
ڄَمون فائبر جو به بهترين ذريعو هوندا آهن، ڄمن جو استعمال پيٽ جي سور، تيزابيت، سيني جي ساڙي ۽ قبضي جي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ به وڏو مددگار ثابت ٿيندو آهي.
ڄمون ڪوليسٽرول ۽ بلڊ پريشر جي سطح کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏيندا آهن، جيڪي دل جي بيمارين جي لاءِ اهم خطرو هجن ٿا، هاءِ بلڊ پريشر ۽ وڌيل ڪوليسٽرول واري ماڻهن کي ڄمن جو استعمال ڪرڻ گهرجي.
مختلف کاڌا پچائڻ، ماني جي لاءِ اٽو ڳوهڻ وغيرا دوران خاص ڪري عورتن جا وار کاڌي پيتي ۾ ملي وڃڻ عام ڳالهه هوندي آهي، اهو سڀني سان ٿيو هوندو ته انهن ماني توڙي ڀاڄين مان ڪيترائي ڀيرا وار ڪڍيا هوندا.
پر وارَ کاڌي سان گڏ پيٽ اندر به وڃي سگهن ٿا ۽ جيئن ته وار جو ڳرڻ انتهائي ڏکيو هوندو آهي ۽ اهو مختلف بيمارين جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.
پر ڄَمون کائڻ سان کاڌي پيتي سان گڏ کاڌا ويندڙ وار پيٽ ۾ ئي ڳري ويندا آهن، جيڪو فائدو شايد ئي ڪنهن ٻئي ميوي ۾ هجي.
You might also like