ڪو به پير سڄڻ جي تڪليف کي منهن ڏئي سگھي ٿو ۽ اهو گھڻو عام مسئلو آهي.
خاص طور تي گھڻو گھمڻ يا بيهڻ کان پوءِ ان کي منهن ڏئي سگهجي ٿو ۽ عام طور تي آرام ڪرڻ سان سوڄ ختم به ٿي ويندي آهي.
پر جڏهن ان کي هر هر منهن ڏنو وڃي يا ان تڪليف ۾ گھٽتائي نه اچي ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته پيرن جي اها سوڄ ٻين مرضن ڏانهن اشارو ڪري رهي هجي.
تنهنڪري اهي عام سبب ڄاڻيو جن جي ڪري پير سڄي ويندا آهن.
پاڻي جمع ٿيڻ
جيڪڏهن جسم پاڻي جو گھڻو مقدار جمع ڪرڻ لڳي تڏهن به پير سڄي ويندا آهن.
حقيقت ۾ پيرن سان گڏوگڏ هٿ به سڄي ويندا آهن ۽ گھڻو ڪري اهو مسئلو وقت سان گڏ حل ٿي ويندو آهي.
جسم ۾ پاڻي ان وقت جمع ٿيندو آهي جڏهن اوهان ڪنهن جاءِ تي گھڻي دير تائين ويهو يا بيٺل رهو.
هارٽ فيليئر
جڏهن دل معمول موجب رت پمپ ناهي ڪندي يا جو رخ ناهي هوندو ته اهو ڄگهن ۽ پيرن ۾ جمع ٿي ويندو آهي جنهن سبب به پير سڄي ويندا آهن.
بُڪين جا مرض
جڏهن بُڪيون سوڊيم (نمڪيات) کي خارج ناهن ڪري سگھنديون ته جسم ۾ پاڻياٺ گڏ ٿيڻ لڳندي آهي.
ان جي نتيجي ۾ چهرو، هٿ، پير ۽ گوڏا سڄي سگھن ٿا، عام طور تي پيرن ۽ گوڏن ۾ اها سوڄ وڌيڪ نمايان هوندي آهي.
جيري جا مرض
جيري جي مرضن جو شڪار ڪجهه ماڻهن جي ڄنگهن ۽ گوڏن ۾ پاڻي گڏ ٿي ويندو آهي جنهن سان به اهي سڄي ويندا آهن.
رڳن جا مسئلا
جيڪڏهن ڄنگهن ۾ موجود رڳن ۾ رت ڄمي وڃي يا بلڊ ڪلاٽ بڻجي وڃي ته ڄنگهون ۽ پير سڄي ويندا آهن.
اهو تمام سنگين مسئلو هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ان جو فوري علاج نه ڪرايو وڃي ته حياتي لاءِ به خطرو وڌي ويندو آهي.
عام طور تي ائين هڪ پير ۾ ٿيندو آهي، تنهنڪري جيڪڏهن ڄنگهه يا پير غير معمولي طور تي سڄي وڃي ته فوري طور تي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گھرجي.
انفيڪشن
سيلولائيٽس هڪ عام کَلَ جو انفيڪشن آهي جنهن سان متاثر حصو سڄي ويندو آهي.
اهو انفيڪشن جسم جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگھي ٿو پر ڄنگهن ۽ پيرن ۾ سڀ کان وڌيڪ عام هوندو آهي.
جيڪڏهن ان جو علاج نه ڪرايو وڃي ته اهو جسم ۾ پکڙجي سنگين پيچيدگين جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
حمل
ڳورهارين عورتن ۾ پيرن ۽ گوڏن جو سڄڻ عام هوندو آهي ۽ ڳڻتي جوڳو ناهي هوندو، پر سوڄ گهڻي هجي ته اهو بلڊ پريشر وڌڻ جي نشاني ٿي سگھي ٿو.
نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان ڊاڪٽر سان به مشورو ڪريو.