ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ليکڪا ۽ سماجي ڪارڪن فاطم ڀٽو ڀارتي صحافي ۽ ليکاري سونيا فاليئرو سان گڏجي ڪتاب ”غزه: هڪ نسل ڪشي جي داستان” ترتيب ڏئي رهي آهي، جنهن ذريعي فلسطين ۾ جاري انساني الميي تي عالمي ضمير کي جهنجهورڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
ڪتاب هلندڙ سال 7 آڪٽوبر تي ورسو بُڪس طرفان شايع ڪيو ويندو، جنهن جي سموري آمدني گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت رليف ايجنسي ( يو اين آر ڊبليو اَي) ذريعي سڌي ريت فلسطيني عوام جي مدد لاءِ استعمال ٿيندي.
ادبي پليٽفارم ”الڪٽرڪ لٽريچر“ ڪتاب جو ٽائٽل فاطمه ڀٽو، سونيا فاليئرو، بُڪس فار غزا ۽ ورسو سان گڏجي انسٽاگرام تي شيئر ڪيو، جنهن کي ”انتهائي فوري ۽ طاقتور مجموعو“ قرار ڏنو پيو وڃي، ڪتاب ذاتي شاهديون، شاعري، فوٽوگرافي، فن پارا ۽ جنگي ميدان مان رپورٽون شامل هونديون.
ڪتاب جو ٽائٽل چنٽل جحچان ڊزائن ڪيو آهي، جنهن ۾ فلسطيني ثقافت جون علامتون ـ ڪوفيا( رومال) ۽ زيتون جا وڻ ـشامل آهن.
ڪتاب ۾ اهڙن ليکڪن، شاعرن، فوٽو جرنلسٽن ۽ اسرائيلي ظلمن ۾ بچي ويل شخصيتن جا ليک شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي فلسطين بُڪ ايوارڊ، عرب آمريڪن بُڪ ايوارڊ، نيشنل بُڪ ايوارڊ، پلٽزر پرائز، گانڌي امن انعام ۽ ايمي ايوارڊ ماڻي چڪا آهن.
مضنومنن ۾ احمد النعوق پنهنجي 21 گهر ڀاتين قتل جو درد بيان ڪيو آهي، نور اليعقوبي اسرائيل جو بُک کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ تي روشني وڌي آهي، مريم برغوثي اولهندي ڪناري تي اسرائيلي آبادڪارن جي تشدد بابت لکيو آهي ۽ ايمان بشير هڪ زخمي ٻار جو قصو قلمبند ڪيو آهي جنهن جو سمورو خاندان شهيد ٿي چڪو آهي.
هي مجموعو شهيد فلسطيني شاعره هبا ابو ندا کي ارپن ڪيو ويو آهي، جيڪا 20 آڪٽوبر 2023ع تي خان يونس ۾ اسرائيلي هوائي حملي ۾ شهيد ٿي هئي.
فاطمه ڀٽو ان کان اڳ به سوشل ميڊيا توڙي عالمي فورمز تي فلسطيني آزاديءَ جي حمايت ڪندي رهي آهي.
هن ڪتاب ذريعي هوءَ ۽ سندس ساٿي فلسطيني عوام جي اجتماعي يادگيرين کي محفوظ رکڻ سان گڏ عالمي برادري ۾ همدردي ۽ شعور بيدار ڪرڻ چاهين ٿا.
You might also like