پشاور (م ڊ) نيب خيبرپختونخوا اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي کي ڪوهستان ميگا اسڪينڊل ۾ 17 جولاءِ تي پيش ٿيڻ لاءِ طلب ڪري ورتو. اعظم سواتي تي سرڪاري فنڊن مان مبينا طور 36 ارب رُپين جي ڪرپشن جو الزام آهي. نيب موجب، اڳ پيش ڪيل رڪارڊ ناڪافي هو. ان سان گڏ نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکندڙن جي جاچ لاءِ خيبرپختونخوا اسيمبلي جي رُڪن امجد علي کي به طلب ڪيو آهي، جن کي ذاتي اثاثن، ٽيڪس تفصيلن ۽ سوالنامي جا جواب 17 جولاءِ تائين فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
-
ڪراچي: ايس پيز ۽ اي ايس پيز جون مقرريون عدالت ۾ چلينج
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ ۾ ڪراچي جي 15 ڊويزنن ۾ ايس پيز ۽ اي ايس پيز جي او پي ايس بنيادن تي مقررين خلاف شهري پاران درخواست داخل ڪئي وئي آهي.درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته جونيئر آفيسرن کي سينئر عهدن جي واڌو چارج ڏيڻ پوليس رولز جي ڀڃڪڙي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته او پي ايس بنياد تي مقرريون نه صرف غيرقانوني آهن پر ميرٽ جي خلاف به آهن، ۽ عدالتون به اڳ ۾ اهڙين مقررين کي ناپسند قرار ڏئي چڪيون آهن. درخواست ۾ آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، گهرو کاتي جي سيڪريٽري ۽ سنڌ حڪومت کي ڌريون بڻايو ويو آهي، ۽ عدالت کان قانون موجب اهل آفيسرن جي مقرري جو حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.