سنڌ سميت ملڪ ۾ ٻوڙان ٻوڙ برسات، 24ڄڻا فوت

حيدرآباد/ سکر/ لاهور/ پشاور  (نمائندا/ م ڊ) سنڌ ۾ چوماسي جي طوفاني ۽ گجگوڙ سان برسات، حيدرآباد کي ٻوڙي ڇڏيو، سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 24 ڄڻا فوت ٿي ويا، حيدآباد ۾ هڪ پورهيت فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا، ماتلي ۾ سونانگر ۾ تيز طوفاني هوا سبب گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾  30 ورهين جي شهلا ڌي رمضان ڀٽي  فوت ٿي وئي  جڏهن ته ڪاٺوڙ ۾ 40 ورهين جي سني ڌي جليو ميگهواڙ گهر جي ڀت ڪرڻ  سبب دٻجي فوت ٿي وئي، فاضل ٽائون ۾ گهر جي ديوار ڪرڻ سبب گڏهھ گاڏو هلائي پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت مگن ٺاڪر جا 2 گڏهه مري ويا، هوڏانهن علي پور ويجهو ڏنگڻا ڳوٺ ۾تيز طوفان سبب وڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 9 ورهين جو نينگر فرمان علي ڏنگڻو وڻ هيٺيان اچي ويو جنهن کي علائقي واسين وڻ هيٺيان  ڪڍي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٽنڊوغلام حيدر ۾ ڀت ڪرڻ سبب نينگري شمائلا فوت ٿي ويون، بڪيرا شريف ۾ ڪڪڙين جي فارم جي ڀت ڪرڻ سبب نينگر باسط فوت ٿي ويو، حيدرآباد جي رپورٽر موجب حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات شھر کي ٻوڙي ڇڏيو. ڊي سي جو چوڻ هو ته ڪلائوڊ برسٽ ٿيو آهي، جڏهن ته موسميات کاتي مطابق حيدرآباد ۾ 94 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، ڪوبه ڪلائوڊ برسٽ ناهي ٿيو، ٻن ڪلاڪن جي برسات سبب شھر جا ڪيترائي علائقا تلائن ۾ تبديل ٿي ويا، برسات دوران ٽمبر مارڪيٽ واري علائقي ۾ ھڪ دڪان جي ڇت پٽ پئجي وئي، جنھن سبب دڪان ۾ ويٺل ناظم چانگ، روشن دائودپوٽو، قيوم خان ۽ نيڪ محمد دٻجي ويا، ان دوران ڀرپاسي ۾ موجود ماڻھو پھچي ويا جن ملبو ھٽائي انھن کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي نيڪ محمد فوت ٿي ويو، ھوڏانھن مختلف ھنڌن تي وڻ ۽ بل بورڊ ڪرڻ جا واقعا به پيش آيا، جن سان ڪو جاني نقصان نه ٿيو پر روڊ رستا بند ٿي ويا، برسات سبب بجلي جو نظام پڻ درھم برھم ٿيو ۽ پمپنگ اسٽيشنن تان پاڻي نيڪال نھ ٿيڻ ڪري ٻن کان ٽن فٽن تائين برساتي پاڻي روڊن رستن تي بيھڻ سميت پاڻي دڪانن ۽ گھرن ۾ داخل ٿي ويو، ھيٺاھين وارن علائقن ۾ پاڻي جي بيهڻ سبب ٽريفڪ سخت متاثر ٿي ۽ شھر جا اڪثر مصروف روڊ بلاڪ ٿي ويا، تيز ھوائن ڪري گهرن جي ڇتين تي موجود سولر پليٽون ڪرڻ جا به واقعا پيش آيا، ڄامشوري ۾ 132 ڪي وي جي هاءِ ٽرانسمينشن لائن جا 3 پول ڪري پيا، حيدرآباد ڊويزن ۾ برسات دوران 632 فيڊرن مان 220 فيڊر ٽرپ ٿي ويا، جنهن ڪري بجلي جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو آهي، ڪوٽڙي جي نمائندي جبار ڪابورو موجب ڪوٽڙي شهر ۽ سائيٽ ڪوٽڙي جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ٻولهاڙي ميونسپل انتظاميا ۽ ڪوٽڙي ميونسپل انتظاميا غائب رهي، جنهنڪري علائقي واسي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا  ٿي ويا، علائقي واسين موجب انتظاميا اگهور ننڊ ستل آهي، برساتي پاڻي روڊن رستن ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي، پاڻي ڪڍرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي، ٽنڊو محمد خان جي نمائندي اويس حيدر شورو موجب ٽنڊو محمد خان ۾ مٽي جي تيز طوفاني هوائن سان برسات جو وسڪارو ٿيو، روڊ رستا پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا،  تيز هوائن سبب هوٽلن، دڪانن جا ڇپڙا، سولر پليٽون، سائن بورڊ، وڻ ۽ بجلي جا ٿنڀا به ڪري پيا، تلھار جي نمائندي محمد حنيف ملاح موجب تلھار ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن پيرو لاشاري، رپ شريف، چانري، سعيدپور جمالي، فڙدو، راڄوخاناڻي ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ تيز مٽيءَ واري طوفان سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو، تيز هوائن سبب ڪيترين ئي علائقن ۾ وڻ ڪري پيا، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي بجلي جا ٿنڀا ڪرڻ سبب بجليءَ جو نظام به متاثر ٿيو، بدين، سجاول ۽ ڄامشورو، نئون آباد، بلڙي شاهه ڪريم، ٽنڊوباگو، دوڙ، ٺٽو، مڪلي، ڪينجهر سميت ڪوهستاني پٽي ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئي، مٽياري، ڀٽ شاهه، نيو سعيد آباد، اڏيرولال، پليجاڻي، ميرپورٻٺورو، دڙو، راڄوخاناڻي، سيراڻي، ميرواهه گورچاڻي، ٽنڊوغلام حيدر، ڪڙيو گهنور، ٽنڊوالهيار، سنجرچانگ ۾ برسات جو وسڪارو ٿيو، سيوهڻ، ڀان سيد آباد، جوهي ، شڪارپور، باهو کوسو، مبارڪپور، ڪڍڻ، کورواهه، سڪرنڊ، ڪلوئي ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سبب هيٺانهن وارن علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ انتظاميا لاءِ چئلينج بڻجي ويو آهي، هوڏانهن ملڪ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۾ 19 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، خيبرپختونخوا ۾ 24 ڪلاڪن دوران برساتن سبب حادثن ۾ ٻارن سميت 9 ماڻهو ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برساتن دوران مختلف حادثن سبب 10 ماڻهو فوت ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.