نئون ديرو(ن ع آ) نئون ديرو لڳ ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي شاهاڻي شينڪ بند ڀرسان ڳوٺ مٺو ککراڻي ۾ رات دير سان لاڙڪاڻو پوليس مبينه ڪاروائي ڪري ڳوٺاڻن مٿان ڊرون حملا ڪيا جنهن ۾ ڳوٺ مٺو ککراڻي جو رهواسي پيرسن غلام علي ککراڻي ۽ سندس گهرواري سسئي ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته ٻارڙن ۽ عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن ۾ 3 ورهين جو ذوهيب، 11 ورهين جي نينگري ثريا، پياري خاتون، انور خاتون، ڪوثر، نرما ۽ 50 ورهين جو عبداللطيف ککراڻي شامل آهن. اهڙي واقعي بعد ڪيٽي ممتاز پوليس خاموشي اختيار ڪري ورتي جڏهن ته ڪيٽي ممتاز پوليس مارجي ويلن جي لاشن جا پوسٽ مارٽم به نه ڪرايا ۽ نه ئي واقعي جي اطلاع باوجود واقعي واري هنڌ پهتي ۽ نه ئي زخمين کي طبي امداد ڏيارڻ لاءِ ايمبولينس سروس فراهم ڪئي جنهن بعد ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت زخمين کي طبي امداد ڏيارڻ لاءِ نئون ديرو اسپتال منتقل ڪيو جتي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد کين لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ۾ موجود مائي خانزادي جو چوڻ هو ته رات جي اونداهيءَ ۾ پوليس اسان جي ڳوٺ مٿان چڙهائي ڪري آئي ۽ ڊرون اڏاري اسان جي گهرن مٿان بيهاري گولا وسايا جنهن ۾ هڪ گولو اسان جي پيرسن غلام علي ۽ ان جي گهرواري جي کٽ تي لڳو جنهن ۾ ٻئي زال مڙس مارجي ويا جڏهن ته 2 گولا ٻن گهرن ۾ ڪريا جتي ننڊ ستل ٻارڙن، عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رات کان اسان دانهون ڪري ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس اسان جي هڪ به ناهي ٻڌي. مارجي ويل غلام علي جي ڀاءُ نظام ککراڻي جو چوڻ هو ته مدئجي ٿاڻي جي ايس ايڇ او، ڪيٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي جي ملي ڀڳت سان اسان جي مٿان هي ڪاروائي ڪئي وئي آهي، اسان جا پنهنجي برادري ۾ جهيڙا جهڳڙا آهن باقي اسان ڏوهاري ناهيون ۽ نه ئي اسان جي مٿان مختلف ڏوهن جا اهڙا ڪيس داخل آهن. اسان عدالتن جو دروازو کڙڪائينداسين. مقتول جي نياڻي ميما خاتون ۽ ڀيڻ نثار خاتون مٿي تي پاڪ ڪتاب کڻي دانهون ڪندي ٻڌايو ته اسان گهرن ۾ ننڊ ستل هئاسين ته گهرن مٿان ڊرون جهاز اڏاريا ويا گهرن مٿان گولا وسايا ويا. هوڏانهن مارجي ويل زال ۽ مڙس جي لاشن جي ڳوٺ مٺو ککراڻي ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. ٻئي پاسي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي ايس ايڇ او رابطو ڪرڻ تي مامري کان لاعلمي ظاهرڪندي چيو ته اسان کي اهڙي واقعي بابت ڪا به ڄاڻ ناهي. هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته پوليس ڪاروائي دوران حملي ۾ مارجي ويل ککراڻي برادري جو ڳوٺ تاجو ديرو شڪارپور ضلعي جي حدن ۾ آهي ۽ واقعو نظام ککراڻي ۽ عباس ککراڻي جي ذاتي دشمني تحت پيش آيو آهي. ککراڻي گينگ ڦر وارداتن ۾ ملوث آهي. شهرين کان ڦريل رقم ورهائڻ واري معاملي تان ٻنهي گروپن ۾ جهيڙو ٿيو جنهن ڪري علائقي واسين ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانيل آهي.