انساني مجبوري ھڪ منافعي واري صنعت آھي

تحرير: وسعت الله خان

اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي بقول غزه ۾ فلسطيني  ڪنھن ڍڪ ۾ بند ڪيل اھي ڍور آھن جن کي ڪڙو چاڙھي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ انهن جي مدد جي نالي تي جيڪو سنگين مذاق ڪيو پيو وڃي اهو بھ تاريخ ۾ بي مثال آهي.اسرائيل ٻن سالن ۽ نو مهينن دوران  پهرين غزه  سڀني بيڪريون، ٻنين ٻارن ۽ کوهن کي تباهه ڪيو، غزه ۾ انساني امداد جي داخلا تي جامع پابندي لڳائي،۽ پوءِ 77 سالن کان فلسطينين جي تعليم،رھائش ،صحت،غذا ۽ ٻين گھرجن جي سارسنڀال لھندڙ گڏيل قومن جي اداري  UNRWA جي آفيسن، گودامن، اسڪولن ۽ طبي مرڪزن کي تباهه ڪيو. بعد ۾ گڏيل قومن جي ايجنسي  UNRWA کي هڪ دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ۽ فلسطينين جي مٿي تان انساني امداد جي چادي بھ ڇڪي ورتي.ان کان پوءِ آمريڪا جي اڳوڻي بائيڊن حڪومت غزه جي ماڻهن جي مدد لاءِ هڪ مصنوعي بندرگاهه ٺاهڻ جو ڊرامو رچايو. جڏهن اھا بندرگاهه تعمير ٿي رھي  هئي، ته سامونڊي لهرون ان جا تختا لوڙھي ھليون ويون. اهڙي طرح هي ڊرامو ختم ٿي ويو 2  مارچ کان غزه هن صديءَ جي بدترين ھٿرادي ڏڪار جي ور چڙھيل آھي. ان بابت وڌندڙ عالمي ڳڻتي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ غزه جي بک ۾ لاھ نڪتل ماڻهن جي مدد لاءِ هڪ ٻيو دل جھوريندڙ ڊرامو "غزه هيومنٽيرين فائونڊيشن” (GHF) جي نالي سان اسٽيج ڪيو ويو.

فيبروري ۾ سوئٽزرلينڊ ۾ رجسٽر ٿيڻ کان اڳ ڪنهن به بين الاقوامي طور تي تسليم ٿيل امدادي تنظيم GHF  جي نالي ۽ ڪم بابت نه ٻڌو هو. پر سڀني کي خبر هئي ته GHF نتن ياهو ۽ آمريڪا جو هڪ گڏيل ڦندو آھي،  جنهن ۾ بکايل فلسطينين کي ڦاسائي انهن جو شڪار جاري رکڻ آھي.  انساني بيوسي کي هٿيار بڻائڻ جو اھڙو  نادر مثال هٽلر کان پوءِ ھاڻي ڏسڻ لاءِ مليو آھي.ان ڪري  سڀني تسليم ٿيل بين الاقوامي امدادي تنظيمن هن امدادي نسل ڪشي کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي (ان بابت تفصيل سان هڪ اڳئين  مضمون ۾لکيو ويو آھي)

پر گذريل پوڻن ٽن سالن ۾ باندي بڻايل فلسطينين سان ھي پهريون مذاق تھ ناهي. گذريل سال جي آخر ۾ غزه تي امداد اڇلائڻ لاءِ اردن جي رائل اير فورس کي اجازت ملي ۽ اھا مشق ڪجھ اڏامن کانپوءِ ختم ڪئي وئي.موقر رسالي مڊل ايسٽ آءِ  جي هڪ رپورٽ موجب بين الاقوامي امدادي ادارن تصديق ڪئي آهي ته  اڌ ٽرڪ برابر امداد هوائي جهاز مان ڪٿي به اڇلائڻ جي لاءِ ھوائي جھاز جو معاوضو ٻه لک ڊالر وصول ڪيو ويو. جڏهن ته هڪ مخصوص هنڌ تي امدادي گڏ اڇلائڻ جي فيس4 لک  ڊالر مقرر ڪئي وئي هئي.

اردن جي سرڪاري خيراتي تنظيم، هاشمي چيرٽي آرگنائيزيشن (JHCO) ان رپورٽ کي درست قرار ڏيندي  چيو ته حقيقت ۾، غزه ۾ ڪٿي به اڇلايل سپلاءِ شپمينٽ جي قيمت 2 لک  ڏھ ھزار  ڊالر  ۽ مخصوص هنڌن تي گڏيل سامان اڇلائڻ جي اڏام جي قيمت ساڍا 4 لک ڊالر ھو. بهرحال ان سرڪاري قبوليت کان پوءِ سرڪار کي بدنام ڪرڻ جي الزام جي ڪوشش ۾  ميڊيا ڪميشن مڊل ايسٽ آءِ ويب سائيٽ سميت ٻارهن ويب سائيٽن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو.

هڪ سال اڳ اردني صحافي حبھ ابو طحي کي ميڊيا ڪميشن جي شڪايت تي سائبر قانون تحت افواهون پکيڙڻ جي الزام ۾ هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ھن پنهنجي هڪ مضمون  ۾ لکيو ھو تھ ڪجھ اردني ڪمپنيون  يمني حوثين پاران بحيرھ قلزم جي ناڪابندي بعد زميني راهداري ذريعي اسرائيل ڏانهن درآمد ۽ برآمد جي سهولت فراهم ڪري رهيون آھن. اردن جي وزيراعظم ان اطلاع کي غلط قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.

7 آڪٽوبر 2023 کان پوءِ حماس ۽ اسرائيل  وچ ۾ مصر ٽياڪڙي سھولت ڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. بهرحال، مصر جي ھڪ ڪمپني ھالا ڪنسلٽنگ اينڊ ٽوئرزم سروسز جي باري ۾ مڊل ايسٽ آءِ سميت عرب سڌسماءَ جي  ذريعن ۾ گذريل  فيبروري ۾

عرب ميڊيا ۾ رپورٽون شايع ٿيون حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾  19 جنوري تي شروع ٿيندڙ ٻي جنگ بندي  جي مدي ۾غزه ۾ داخل ٿيندڙ امداد ۽ ڪمرشل ٽرڪن کان في ٽرڪ 20 ھزار ڊالر فيس وصول ڪئي پئي وڃي.

رفح ڪراسنگ تي امداد ٽرانسپورٽ کان رقم جي وصولي جو ٺيڪو وٺندڙ ڪمپني جي مالڪ اتر سينا جو هڪ بااثر قبائلي ۽ سياسي اڳواڻ ابراهيم ال اورگاني آهي. گذريل سال مئي ۾ هالا ڪنسلٽنگ بابت  اھا خبر بھ شايع ٿي ته غزا مان جيڪي بھ شھري نڪرڻ چاھين ٿا  ھي ڪمپني ڳري في وصول ڪري انھن کي ترجيحي بنيادن تي  "VIP لسٽ” ۾ شامل ڪري رھي آھي ۽ ڪمپني ان مان روزانو 2 ملين ڊالر ڪمائي رهي آهي. فيبروري  کان اپريل 2024 جي  عرصي ۾ ڪمپني ان مد ۾  118 ملين ڊالر آمدني ڪمائي.تيستائين قاهره ۾ مقرر فلسطيني سفير ذهاب الوحي جي مطابق غزا مان 80 ھزار کان ھڪ لک شهري رفح ڪراسنگ ذريعي غزه  مان ٻاھر ويا.

ڪمپني هڪ بالغ شهري کي غزه ڇڏڻ لاءِ سھولت فراھم ڪرڻ جي عيوض پنج ھزار ڊالر  ۽ 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن  جي لاءِ اڍائي ھزار ڊالر في فرد  وصول ڪندي هئي. جڏهن ته ساڳي ڪمپني 7 آڪٽوبر کان اڳ غزه ڇڏڻ وارن شهرين کان في ماڻهو ساڍا ٽي سئو ڊالر وصول ڪندي هئي. ان جو مطلب آهي ته جنگ کان پوءِ ان رقم چوڏهڻ تي اضافو ڪيو ويو.

مصري صحافي ۽ سينا جزيره نما جي سياسي معاملن جي ماهر، مهند صابري جو چوڻ آهي ته ابراهيم ال اورگاني جي ڪمپني اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ لاءِ هڪ فرنٽ ڪمپني آهي. اها ڪهڙي قانون يا ضابطن جي تحت غزه جي سپلاءِ ٽرڪن ۽ تان کان  ٻاھر ويندڙن کان ذڪر ڪيل ريٽس وصول ڪري ٿي ۽ ان جو ڪم ڪيتري حد تائين حڪومت جي نگراني ۾ آهي اھو واضح نھ آھي.

جيڪا ڳالھ چٽي آھي اھا ھي آھي تھ ابراهيم ال اورگاني جا سياسي ۽ ڪاروباري رابطا آهن. 2022 ۾ السيسي حڪومت ابراهيم ال اورگاني کي سينا ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ميمبر مقرر ڪيو، جيڪو تعميراتي منصوبن جو ذميوار هو. ابراهيم اورگني جي ڪمپني جي رويي خلاف گذريل سال اپريل ۾ مقامي سطح تي  احتجاج پڻ ٿيا هئا. ۽ انهن احتجاجن جي منتظمين تي افواهون پکيڙڻ ۽ دهشتگرد تنظيمن سان لاڳاپن ھجڻ جو الزام لڳايو ويو هو.

گذريل سال، مصري پرڏيهي وزير سميع شڪري اسڪائي نيوز سان هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته حڪومت رفاھ ڪراسنگ تي امدادي ٽرڪن ۽ فلسطيني شهرين کان جبري طور تي ڦرلٽ جي رپورٽن جي جاچ ڪندي. پر ابراهيم اورگني جي ڪمپني پنهنجو ڪاروبار جاري رکندي اچي ٿي.جڏهن ته رفاھ ڪراسنگ جا انتظامي معاملا مصري سيڪيورٽي ايجنسين ۽ انٽيليجنس عملدارن جي ذميواري آهن.

اهو مثال بي سبب ناهي ته جنگ ۽ مجبوري  جو شمار سڀ کان وڌيڪ منافعي بخش  جنسن ۾ ٿئي ٿو. جنگ لکين ماڻهن کي تباهه ڪري ٿي پر ڪجهه  نسلن کي سنواري ٿي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.