آصف علي زرداري ملڪ جو صدر آھي،ملڪ جو صدر ٿيڻ هڪ وڏي زميواري سان گڏوگڏ هڪ وڏو اعزاز به پڻ آھي.آصف زرداري اهو خوشنصيب سياسي ۽ سولين صدر آھي جنهن کي احسن طريقي سان گڏيل پارلياماني نظام معرفت ملڪ جو ٻيهر صدر ٿيو آھي.اهو مرحلو ڪنهن سياسي ليڊر لاءِ ڪو آسان ناهي هوندو، جڏهن ته سندس پارٽي کي ٽو ٿرڊ ميجارٽي به نه هجي.گڏيل يا اتحادي حڪومتن جي مجموعي مان آصف زرداري جهڙو سياسي طور لچڪدار ڪردار ئي هن ملڪي عهدي تي ٻيهر پهچي سگهي ٿو.وڏين ڪوششن جي باوجود به ميان محمد نوازشريف نه ته ٻيهر وزير اعظم طور سامهون اچي سگهيو ۽ نه ئي صدارتي اميدوار طور.اهڙي سياسي ماحول ۾ سياسي انوائرمينٽ پنهنجي حق ۾ ڪرڻ جهڙو سياسي ڪرشمو آصف زرداري جهڙي سياسي ڪردار کي سونهين ٿو.ملڪي صدر زرداري سان اختلاف سياسي طور ڪري سگهجن ٿا سندس شخصيت سان به ماڻھن جا اختلاف هوندا، انهن کان ڪو انڪار ڪونهي.پر مجموعي طور سياسي طور ۽ سموري زندگي جي ذاتي ۽ خاص طور سياسي فيصلن کي ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي ويجهي ماضيءَ جي فيصلن ۾ آصف زرداري جا سياسي ۽ رياستي فيصلا انتهائي ڳورا ۽ اڀياس لائق آھن.صدر پاڪستان آصف زرداري جي سياسي، رياستي ۽ حڪومتي فيصلن سان به اختلاف هوندا ۽ ڪٿي ڪٿي پنهنجي تحريرن ۾ اسان به تنقيد جو نشانو رکيا پر اها تنقيد اڄ محسوس ڪجي ٿي اجائي هئي ۽ اجائي واويلا ۽ آصف خلاف ٿيندڙ پروپيگنڊا جو ڄڻ ته حصو هئي.!!
هن وقت به پنهنجي سياسي ۽ رياستي فيصلن کان ويندي حڪومتي فيصلن ۾ جيڪي به آصف زرداري جي ماتحتي ۾ فيصلا ٿيا آھن ۽ انهن فيصلن جي بنياد تي جيڪا اجائي واويلا پئي ٿئي تنهن پروپيگنڊا ۽ واويلا جا ايندڙ وقت ۾ پردا چاڪ ٿيڻ وارا آھن.انهن سياسي، رياستي ۽ حڪومتي فيصلا جيڪي آصف زرداري ڪيا آھن انهن جو پهريون اثر ته بين الاقوامي رياست دشمنن تي پوي ٿو،نمبر ٻيو ٽارگيٽ ملڪي رياستي سرحدي پاڙيسرين کي جيڪي ملڪ دشمن سازشن ۾ پاڪستان مخالف آھن جنهن کي Regional چئون.نمبر ٽيون ملڪ جون اهي سياسي قدامت پرست ۽ اجائي واويلا ڪندڙ اقتدار کان پري رهندڙ سياسي قيادتون آھن جن کي عوامي،سياسي ۽ اليڪشني طور مسلسل ناڪامي سامهون آئي آھي.ان ڪري چئي ۽ سمجهي سگهجي ٿو ته موساد کان سياسي ممڙن تائين صدر پاڪستان آصف زرداري خلاف واويلا ،اجائي پروپيگنڊا ۽ سازشي ٿيوريز مارڪيٽ ۾ ڦھلائڻ اقتداري مقصد ۽ پنهنجي شازشي منصوبن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ حربا ٿين ٿا.مثلن ملڪ جي سياسي،جهموري ۽ پارلياماني پارٽي جي قومي ليڊر ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري خلاف ٿيندڙ سازشون ڄڻ ته ملڪي،سياسي ۽ جهموري نظام کي ڄڻ ته نقصان برابر هوندو.چند سالن کان آصف زرداري جي سياسي تربيت ۽ سياسي قيادت تي مسلسل لکڻ ۽ سندس والد گرامي حاڪم علي زرداري جي سياسي جدوجهد تي پڻ لکڻ سبب ڪافي ڄاڻ ملي ۽ سندس داني سياسي جدوجهد جي ڄڻ تاريخ جمع ڪرڻ جو موقعو مليو.جيڪو مستقبل جي لاءِ هڪ سٺو معلوماتي ڊاڪيومنٽ چئي سگهجي ٿو.چند سالن کان مسلسل لکڻ سبب جتي تنقيد جو نشانو بڻيا آھيو سو ته لکڻ ۽ ڳالهائڻ جو ثبوت آھي ته سنڌ جي هن زرداري دان جي ملڪي سياست ۽ رياستي فيصلن ۾ ڪيترو عمل دخل ۽ اثر رهيو آھي سو پڻ خود تاريخ جو ريڪارڊ آھي.هاڻي ته مجموعي طور ملڪ جا وڏا صحافتي حلقا ان بحث جو حصو آھن ته صدر پاڪستان آصف زرداري خلاف سازش ملڪي سياسي، جمهوري ۽ ڄڻ ته رياستي نظام خلاف سازش آھي.ملڪ جي هڪ نامور تجزئي نگار ته ايترو به چيو آھي ته اها سازش ۽ ان سازش پويان اسرائيلي ايجنسي موساد پڻ آھي.موساد جي سازشي ٿيوري کي ڏسندي ۽ ٻڌندي جڏهن ملڪ جي يوٽيوبرز جي ٻولي ۽ سياسي طور تي اجائي پروپيگنڊا کي ڏسون ٿا ته اهو محسوس ٿو ٿئي ته سياسي قيادتون به ڄڻ يوٽيوبرز وارن وانگي آصف زرداري خلاف سازش ڪندڙ موساد جي ٿيوري جا پوئلڳ يا فالوئرز آھن.ملڪ جي سياسي تاريخ ۽ سياسي جهموري ۽ رياست جي اهم ڪردارن خلاف اقتداري بک جا متلاشي ته سازشون ڪندا رهيا آھن ۽ هو موقعي ۽ وقت جي تاڙ ۾ هوندا آھن.آصف زرداري پنهنجي سياسي ۽ شخصي صورت ۾ کليل ڪتاب سميت هڪ ملڪي سياست جو ڪردار آھي.پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪي ،رياستي ۽ جهموري ساک جي کليل ضمانت آھي.پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت چئن صوبن جي زنجير رهي آھي.قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو،شهيد محترما بينظير ڀٽو،موجوده صدر پاڪستان آصف زرداري کان وٺي حاڪم علي زرداري جو پوٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏهٽو ۽ آصف زرداري جو فرزند بلاول ڀٽو زرداري تائين قيادت ملڪي سياست ۽ پارلياماني حڪومتن جو نشان رهي آھي.
بحيثيت سياسي ليڊر ۽ صدر پيپلز پارٽي پارليامنٽيرين آصف علي زرداري جا سياسي ۽ حڪومتي فيصلا ملڪي سياست جو هڪ اهم ريڪارڊ آھن.انهن فيصلن کي سندس سياسي مخالف مختلف رخن ۾ تنقيدي نشانو بڻائي ذاتي ۽ سياسي طور پروپيگنڊا ڪري نشانو بڻائن ٿا.جنهن جو فائدو وٺندي ملڪ دشمن،رياست دشمن ۽ ملڪي سياسي جهموري سسٽم هلائيندڙ قيادت دشمن ٻاهريون قوتون به ان جو غلط فائدو وٺن ٿيون.جيئن تازو ايران،اسرائيل جنگ کان اڳ پاڪ ڀارت جنگ جي صورتحال ۾ جيڪي ملڪي قيادت گڏجي فيصلا ڪيا سي به ملڪ دشمن قوتن ۽ رياست دشمن عنصرن لاءِ اک جو ڪنڊو ثابت ٿيا آھن.هنن فيصلن ۾ صدر پاڪستان آصف زرداري جو جيڪو Stand هو سو پڻ تاريخ جو هڪ وڏو اهم رياستي ريڪارڊ پڻ هوندو.آصف علي زرداري خلاف ٿيندڙ سازش پرڏيهي قوتن سان گڏ جيڪا ڏيهي ۽ علائقائي قوتن کي استعمال ڪري ڪئي ٿي وڃي.اهڙي صورتحال ۾ پيپلزپارٽي جي تنظيم ۽ پارٽي زميوارن کي کپي ته هو پارٽي قائد ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي خلاف ٿيندڙ سازشي ٿيوريز جو ميڊيا ۽ شوشل ميڊيا مناسب طريقي سان جواب ڏين.اهڙي نموني خاص طور جڏهن سنڌ حڪومت کي تنقيد ڪندي به صدر پاڪستان آصف علي زرداري کي ٽارگيٽ ڪيو ٿو وڃي ته پارٽي زميوارن ۽ خاص طور سنڌ حڪومت جي ترجمانن کي کپي ته آصف علي زرداري جي پاليسن کي سامهون کڻي سنڌ حڪومت جي ڪامياب پروگرامن کي سامهون آڻڻ کپي؟جيڪو هنن ترجمانن جو ڪم به آ ته فرض به آھي.