ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا روينا ٽنڊن چيو آهي ته ڏکڻ ڀارتي فلمن جي ڪميابي جو راز اِهو آهي ته اِهي پنهنجي ثقافت سان جُڙيل آهن.
روينا ٽنڊن 24 سالن کان پوءِ ٻيهر تامل سئنما ۾ واپسي ڪري رهي آهي، جتي هوءَ اداڪار وجئه انتني سان گڏ فلم ”لوئير“ ۾ نظر ايندي.
ان واپسيءَ تي خوشي جو اظهار ڪندي روينا چيو ته ” مان تمام گهڻي پُرجوش به آهيان ۽ ٿوري نروس پڻ ڇاڪاڻ ته مون کي ٻيهر تامل ٻولي تي عبور حاصل ڪرڻو پوندو.“
روينا ٽنڊن، تامل فلمن کانسواءِ تيلگو ۽ ڪنڙا فلم انڊسٽري ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي، سندس آخري ڏکڻ ڀارتي فلم 2022 ۾ رليز ٿيل ڪي جي ايف چيپٽر 2 هئي، جنهن عالمي سطح تي ڌم مچائي هئي.
ڏکڻ ڀارتي جي فلم انڊسٽريءَ جي واکاڻ ڪندي هن چيو ته ” مون 1992 کان ئي ڏکڻ ڀارتي فلمن ۾ ڪم شروع ڪيو، ڇو ته انهن جون فلمون مون کي هميشه کان دلچسپ لڳنديون رهيون آهن. “
اداڪارا چيو ته ” ڏکڻ ڀارتي فلمي ڪهاڻيون پنهنجي ثقافت ۽ ورثي سان ڳنڍيل هونديون آهن ۽ هو اولهه جو شوق رکندڙن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش نٿا ڪن، اها ئي ڳالهه انهن جي ڪاميابي جو راز آهي..
You might also like