ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي عبوري حڪومت عورتن عملدارن کي ”سر“ چئي مخاطب ڪرڻ واري پراڻي روايت کي اڳوڻي اڳواڻ شيخ حسينا جي حڪومت جو باقي رهجي ويل هڪ ”عجيب“ ورثو قرار ڏيندي ختم ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب عبوري حڪومت جي پريس وِنگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته عورتن لاءِ سر جو استعمال لازمي قرار ڏنل حڪم کي هاڻ رد ڪيو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته شيخ حسينا واجد جي لڳ ڀڳ 16 سالن جي ڊگهي آمراڻي دور دوران مبينا طور هڪ حڪم جاري ٿيو هو، جنهن موجب عورت آفيسرن کي به سر چئي مخاطب ڪرڻ جو پابند ڪيو ويو هو، اها روايت اڄ به قائم آهي، جيڪا واضح طور هڪ عجيب ڳالهه آهي.
هوڏانهن هڪ عورت بيوروڪريٽ چيو ته عبوري حڪومت هي فيصلو عورت عملدارن سان مشورو ڪرڻ کانسواءِ ڪيو آهي، اها روايت توڙي جو شيخ حسينا جي دور ۾ شروع ٿي هئي پر ڪيترين ئي عورت آفيسرن ان جي حمايت ڪئي هئي، ڇو ته انهن ان کي جنسي لحاظ سان اڻ ڌريو سمجهيو هو.
You might also like