ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هر ڳالهه جو الزام ميئر ۽ ڊپٽي ميئر تي لڳايو ويندو آهي، رڳو ڳالهيون ڪرڻ ۽ تعصب ڪارڊ کيڏڻ سان مسئلا حل ناهن ٿيندا، جيڪي ماڻهو تعصب جو ڪارڊ کيڏن ٿا، انهن جو ميئر چوندو هو ته اسان وٽ اختيار ناهن پر هاڻ شهر ۾ ڪم ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.
ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ضلعي اوڀر جي 8 يوسين ۾ پيور بلاڪس لڳائڻ واري منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو.
ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب چيو ته يوسي چيئرمينن ذريعي ڪم ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور آهي ته بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪئي وڃي.
هن چيو پيپلز پارٽي جي سوچ آهي ته هر هنڌ ڪم ڪجي، اسان ضلعي اوڀر ۾ ڊيڍ ارب رُپين جا منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون، اسان جو جيئڻ مرڻ ڪراچي وارن سان گڏ آهي، هن مٽيءَ جي خدمت اسان جو فرض آهي.
تعصب ڪارڊ کيڏندڙن جو ميئر چوندو هو اختيار ناهن، اڄ ڪم ٿيندي نظر پيو اچي: مرتضيٰ وهاب
Prev Post
You might also like