ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ليجنڊر گلوڪار سجاد علي جي ڌيءَ ضو علي چيو آهي ته پاڪستاني پاپ جهڙي موسيقي دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به ناهي.
هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويوءَ دوران گلوڪار سجاد علي جي ڌيءَ ضو علي ۽ پٽ خوبي علي شرڪت ڪئي، جتي ٻنهي پنهنجي ذاتي ۽ پروفيشنل زندگي بابت دلچسپ ڳالهين تان پردو کنيو.
ضو علي هڪ فلم ميڪر هئڻ سان گڏ گلوڪارا پڻ آهي، جڏهن ته خوبي علي پڻ موسيقي جي دنيا سان واڳيل آهي.
پوڊڪاسٽ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ضو علي ٻڌايو ته ” اسان اهڙي ماحول ۾ وڏي ٿيا آهيون جتي فلم، ادب، علم ۽ موسيقي جون ڳالهيون ٿينديون هيون.“
هن وڌيڪ چيو ته ” ڪڏهن به اهو نه سوچيو هو ته گلوڪاري کي پروفيشن طور اختيار ڪنديس، پر فلم ميڪنگ جو شوق هو، جيڪو مان ننڍپڻ کان پالي رهي هيس نيٺ اِهو حقيقت ۾ تبديل ٿي ويو.“
ضو علي جو چوڻ هو ته ” اِهو سڀ ماحول جو اثر هوندو آهي، فلمن سان دلچسپي به پيءُ کان ورثي ۾ ملي، اسان پنهنجي گهر ۾ هر ڪنهن کي موسيقي ٻڌندي ڏٺو آهي، پاڪستاني پاپ موسيقي جهڙو رنگ دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به ناهي.“
ان موقعي تي سجاد علي جي پٽ خوبي علي چيو ته” اسان جي گهر ۾ سُر خراب ٿيڻ تي ڪاوڙ يا دڙڪن جو رواج ناهي، جڏهن ماڻهن منهنجا گانا پسند ڪيا ته مون کي خوشي ٿي، ڇوته اهو محسوس ٿيو پيءُ کانپوءِ مون کي به ماڻهن قبول ڪيو آهي.“
You might also like