غزا: اسرائيلي آمريڪي امدادي مرڪزن تي ڏيڍ مهيني ۾ تقريبن 800 ماڻهو شهيد

جنيوا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن چيو آهي ته ڏيڍ مهيني دوران غزا ۾ امدادي مرڪزن تي حملن ۾ 798 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن.
گڏيل قومن جي جنيوا ۾ قائم انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر جي آفيس موجب گذريل 6 هفتن دوران غزا پٽي ۾ امدادي مرڪزن ۽ قافلن تي ٿيل حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 798 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن.
بيان موجب انهن ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي حمايت يافتا غزا هيومينيٽيرين فائونڊيشن جي امدادي مرڪزن وٽ شهيد ٿيندڙ ماڻهن جو انگ وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.