بيجنگ(م ڊ)پاڪستان لاءِ پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ ڀارت پاڻ پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڇو ته چين درياءِ برهم پتر تي 137 ارب ڊالر جي لاڳت سان عالمي سطح جو سڀ کان وڏو هائڊرو پاور منصبو شروع ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب هي منصوبو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 60,000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندو، جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي بجلي پيدا ڪندڙ ڊيم منصوبن مان هڪ هوندو، چيني ڊيم منصوبي بابت ڀارتي رياستن آسام ۽ اروناچل پرديش ۾ سخت خدشا ۽ خوف پيدا ٿي ويا آهن، جتي ان منصوبو کي "پاڻي جو ايٽم بم” قرار ڏنو پيو وڃي،اروناچل پرديش جي وزيراعليٰ جو چوڻ آهي ته ڊيم جي نتيجي ۾ برهم پتر ۽ سيانگ درياهن جو پاڻي گهٽجي سگهي ٿو،جيڪڏهن چين ڪنهن به وقت اچانڪ پاڻي ڇڏيندو ته آسام ۽ اروناچل جي قبائلي علائقن ۾ تباهي جو طوفان اچي سگهي ٿو.