اوٽاوا/ڪراچي (حنيف دوامي) حميرا اصغر جا لکين مداح آهن پر اهي ڪهڙا مداح چئبا جن کي پنهنجي محبوب اداڪارا جي لاپتا ٿيڻ جي خبر ئي نه پئي؟ پوليس موجب موت جو سبب پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ وائکو ٿيندو. 4 شڪي جوابدار سامهون آيا آهن جيڪي اداڪارا سان رابطي ۾ هوندا هئا پر آڪٽوبر کان هنن اداڪارا کي فون ئي نه ڪئي هئي. انهن چئن جوابدارن ۾ هڪ جو واسطو شوبز سان آهي، هڪ مقبول وڪيل آهي، هڪ وڏو سرڪاري آفيسر آهي ۽ هڪ واپاري شخصيت آهي. اهي 4 ئي اداڪارا جي موت کانپوءِ ساڻس رابطي ۾ نه رهيا هئا ۽ لاتعلق ٿي ويا هئا.