ليجنڊري آشا ڀوسلي جي ديهانت جون خبرون، پٽ جو بيان سامهون اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ليجنڊري گلوڪارا آشا ڀوسلي جي ديهانت جون خبرون سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ سندس پٽ آنند ڀوسلي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو .
آنند ڀوسلي ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ماءُ آشا ڀوسلي بلڪل ٺيڪ آهي ۽ سندن موت بابت خبرون مڪمل طور تي ڪوڙيون ۽ بي بنياد آهن.
سندس چوڻ هو ته اها افواهه هڪ فيسبڪ واهپيدار طرفان ڦهلائي وئي، جنهن آشا ڀوسلي جي تصوير تي هار هڻي ڪوڙو پيغام لکيو ويو.
واضح رهي ته فيـسبڪ پوسٽ وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه مداحن ڏُک جو اظهار ڪيو جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن خبر جي تصديق جو مطالبو ڪيو، جنهن کانپوءِ گلوڪارا جي پٽٽ کي بار بار فونون اچڻ لڳيون ۽ هن خبر جي ترديد ڪندي ان کي غلط قرار ڏنو.
ياد رهي ته آشا ڀوسلي ڀارتي ليجنڊري پلي بيڪ سنگر ۽ مرحومه لتا منگيشڪر جي ننڍي ڀيڻ آهي جنهن جي عمر 91 سال آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.