واٽس ايپ ڪال جي شوقينن لاءِ خوشخبري

واٽس ايپ ۾ واهپيدارن لاءِ آئي ڏينهن نت نوان فيچر متعارف ٿيندا رهندا آهن ته جيئن کين وڌيڪ بهتر تجربو ملي سگهي.
هاڻي جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپ ۾ ڪالن بابت هڪ نئون فيچر شامل ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت صارف وائس ۽ وڊيو ڪالن دوران ايموجيز ذريعي پنهنجا جذبا ظاهر ڪري سگهندا.
هن قسم جو ري ايڪشن فيچر اڳ ۾ رڳو ٽيڪسٽ ۽ وائس ميسيجز لاءِ موجود هو، پر هاڻي ان کي ڪالن تائين وڌايو ويو آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ ايموجي ري ايڪشن فيچر کي هاڻي ڪالن تائين وسيع ڪري رهيو آهي.
هاڻ واهپيدار ڪال دوران ڪنهن به قسم جو ايموجي استعمال ڪري پنهنجي احساسن جو اظهار ڪري سگهندا.
اهو فيچر في الحال واٽس ايپ جي بيٽا ورجن ۾ آزمائشي طور تي محدود واهپيدارن لاءِ موجود آهي.
رپورٽ موجب، ڪالن دوران استعمال ٿيل ايموجيز لاءِ ”ريسنٽ يوز ري ايڪشنز“ نالي هڪ سيڪشن موجود هوندو، جتان واهپيدار سولائيءَ سان پنهنجا اڳ ۾ استعمال ٿيل ايموجيز چونڊي سگهندا.
في الحال اهو واضح ناهي ته هي فيچر سڀني واهپيدارن لاءِ ڪڏهن دستياب ٿيندو، پر واٽس جي تازين اپڊيٽس مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تمام جلد سڄي دنيا جي واهپيدارن لاءِ ان کي متعارف ڪرايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.