ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن جي گهٽتائي کان پوءِ اڄ سون جي قيمت ۾ ٻيهر هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 3 هزار 2 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ سان 354700 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ 10 گرام سون هڪ هزار 9 سئو 71 رپيا جي واڌ بعد 366069 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾في اونس سون 21 ڊالرن جي واڌ سان 3345 ڊالرز ٿي ويو آهي.
You might also like