ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس فيز 6 جي فليٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آيل اداڪارا حُميرا اصغر جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي.
شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب، حُميرا اصغر جي لاش 8 کان 10 مهينا پراڻو آهي ۽ سندس وفات به 8 کان 10 مهينا اڳ ٿي هئي، جڏهن ته جسم جي ڪا به هڏي ٽٽل ناهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مرحومه جي جسم جي هيٺين حصي جو گوشت مڪمل طور ختم ٿي ويو هو، لاش مڪمل طور تي ڊي ڪمپوز ٿيڻ جي آخري مرحلي تي هئي ۽ لاش ۾ ڪجهه ڪيڙا به پئجي ويا هئا.
پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته اداڪارا جي وارن ۽ شرٽ جا ٽُڪرا ڪيميائي معائني لاءِ موڪليا ويا آهن، جڏهن ته فزيڪل مائنس ذريعي زيادتي ثابت ڪرڻ مشڪل آهي.
Next Post
You might also like