گهرو وزير صدر جي استعيفيٰ ۽ آرمي چيف طرفان صدارتي عهدو سنڀالڻ وارين خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي صدر آصف علي زرداري جي استعيفيٰٰ ۽ آرمي چيف جي صدارتي عهدو سنڀالڻ وارين خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ محسن نقوي چيو ته صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف خلاف هلندڙ مهم جي پٺيان ڪير آهي، اسان کي خبر آهي، اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته ائين ڇو پيو ڪيو وڃي ۽ ان مان ڪنهن کي فائدو ٿيندو.
هن واضح ڪيو ته نه صدر جي استعيفيٰٰ جي ڪائي ڳالهه ٿي آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا سوچ موجود آهي نه ئي اهڙي ڪا ڳالهه آهي ته آرمي چيف صدارتي عهدو سنڀالڻ جا خواهشمند آهن.
محسن نقوي چيو ته صدر جا فوجي قيادت سان مضبوط ۽ پروقار لاڳاپا آهن، جڏهن ته آرمي چيف ڌيان جو مرڪز پاڪستان جي قوت ۽ استحڪام آهي.
وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته هن بي بنياد بيانئي ۾ شامل ماڻهن کي پيغام آهي ته دشمن ايجنسين سان ملي ڪري جيڪي ڪرڻو آهي ڪري وٺو، اسان اهو سڀ ڪجهه ڪنداسين جيڪو پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.