سنڌ سرڪار لياري ۾ غير محفوظ عمارتون خالي ڪرائي ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته لياري ۾ 9 غير محفوظ عمارتن کي خالي ڪرايو ويو آهي ته جيئن رهواسين جي زندگين کي خطري کان بچائي سگهجي.
پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته متاثر ماڻهن کي مالي سهائتا طور ٽن مهينن جو ڀاڙو ڏنو ويندو. جڏهن ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جي ڊي جي ۽ آفيسرن کي پنهنجا اثاثا 15 ڏينهن اندر ظاهر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته غير قانوني عمارتن جي اڏاوت ۽ انهن جي تحفظ ۾ ملوث عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته سنڌ اليڪٽرڪ پاليسي 2024ع ايندڙ مهيني متعارف ڪرائي ويندي، جيڪا صوبي جي توانائي جي شعبي ۾ تبديليون آڻيندي.
سينيئر صوبائي وزير يوٽيلٽي اسٽورز مان 800 ملازمن کي برطرف ڪرڻ کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته عدالت جي حڪم باوجود يوٽيلٽي ملازمن کي بحال نٿو ڪيو وڃي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.