اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اَي سي سي) جي صدر محسن نقوي ڪائونسل جو ساليانو اجلاس سڏائي ورتو آهي.
اَي سي سي جي ذريعن موجب، ساليانو جنرل اجلاس 24 جولاءِ تي ڍاڪا ۾ ٿيندو، جنهن لاءِ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل رڪن ملڪن کي نوٽيس اُماڻي ڇڏيو آهي.
ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز به انهن ئي ڏينهن ۾ ٿيندي جڏهن ته اجلاس ۾ رڪن ملڪ به شرڪت ڪندا.
ذريعن موجب، ڪيترن سالن کانپوءِ اَي سي سي جو اجلاس بنگلاديش ۾ ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت ۽ سريلنڪا اجلاس وارو هنڌ ۽ تاريخ تبديل ڪرڻ جو چيو آهي، ٻئي ملڪ اجلاس ٻئي هنڌ ڪرائڻ چاهين ٿا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو اجلاس ڍاڪا ۾ ئي ڪرائڻ جو امڪان آهي، جنهن لاءِ 15 ڏينهن اڳ نوٽيس ڏنو ويو آهي ته جيئن تياريون مڪمل ڪري سگهجن. جيڪڏهن ڪو رڪن ملڪ شرڪت نٿو ڪري سگهي ته ان لاءِ آن لائين شرڪت جو آپشن پڻ ڏنو ويو آهي.
ذريعن موجب، دنيا ۾ آن لائين گڏجاڻيون معمول بڻجي چڪيون آهن، اَي سي سي ۽ آءِ سي سي جا به آن لائين اجلاس ٿيندا رهندا آهن.
					You might also like
		
	
	
					 
			