ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ منيشات ملڻ واري ڪيس ۾ جوابدار عمير علي جي 25 هزار جي عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، جوابدار جيڪڏهن ٻئي ڪنهن ڪيس ۾ ملوث نه آهي ته ان کي آزاد ڪيو وڃي، جوابدار وٽان 55 گرام چرس هٿ ڪيو ويو هو، جوابدار کي نارٿ ناظم آباد مان گرفتار ڪيو ويو هو.
-
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران فارم ڊي جاري نه ڪرڻ خلاف ڊي سي ۽ ٻين کي نوٽيس،جواب طلب
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عورت جي ڊوميسائل جي فارم ڊي جاري نه ڪرڻ جي خلاف درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر اوڀر سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري 17جولاءِ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ڊوميسائل جي فارم ڊي جاري نه ڪرڻ سان جڊيشنل امتحان ۾مشڪلاتون پيش اچن پيون، عملدارن جو چوڻ آهي درخواستگذار جو مستقل پتو ناهي انڪري جاري نٿو ٿي سگهي.