ڪراچي (رپورٽ:ذوالفقار راڄپر) سنڌ پوليس ۾ وڏي پيماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، جنهن جو نوٽيفيڪشن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران جاري ڪيو ويو آهي، محمد انوار کيتران کيايس ايس پي گھوٽڪي مقرر ڪيو ويو آهي، عابد علي بلوچ کي ايس ايس پي سانگهڙ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، فاروق احمد بجاراڻي کي ايس ايس پي ٺٽو لڳايو ويو آهي، ڪاشف آفتاب عباسي کي ايس ايس پي ايس ايس يو مقرر ڪيو ويو آهي، عبدالخالق کي ايس ايس پي ملير ڪراچي تعينات ڪيو ويو آهي، علينه راجپر کي ايس ايس پي ضلع سجاول ۾ مقرر ڪيو ويو آهي, حسيب جاويد سومر ميمڻ کي ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان لڳايو ويو آهي, اعجاز علي ميمڻ کي ايس ايس پي مٽياري تعينات ڪيو ويو آهي. جنهن جو پڻ نوٽيفيڪيش جاري ڪيو ويو آهي، اهي بدليون سنڌ پوليس ۾ انتظامي سڌارن ۽ ڪارڪردگيءَ جي بهتري لاءِ عمل ۾ آنديون ويون آهن.