جيڪڏهن توهان پنهنجي فون تي گوگل جو مصنوعي ذهانت واري ٽيڪالوجي (اي آءِ) چيٽ بوٽ ”جيمنائي“ استعمال ڪندا آهيو ته ڪمپني ان ۾ هڪ وڏي تبديلي ڪئي آهي.
7 جولاءِ کان گوگل پنهنجي اي آءِ چيٽ بوٽ جيمنائي جي اينڊرائيڊ ڊوائيسز ۾ موجود ٿرڊ پارٽي ايپس سان ڳانڍاپي جي طريقيڪار کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
هاڻ گوگل جيمنائي، ميسيجز، واٽس ايپ يا ٻين فون ايپس سان پاڻمرادو جڙي سگهي ٿو.
هيءَ تبديلي اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ ڊيفالٽ طور تي يعني پاڻمرادو لاڳو ڪئي وئي آهي، ڀلي ڊوائيس ۾ جيمنائي ايپ آن هجي يا آف.
هونئن ته هن اپڊيٽ جو مقصد جيمنائي لاءِ توهان جي ڊوائيس سان رابطو آسان بڻائڻ ۽ مجموعي طور تي صارف جو تجربو بهتر بڻائڻ آهي، پر ان سان گڏ خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي ته گوگل کي توهان جي چيٽس ۽ ٻي ذاتي ڊيٽا تائين پهچ ملي سگهي ٿي.
گوگل سپورٽ صفحي موجب، جيمنائي هاڻ توهان جي سروسز جڙي مختلف ڪم ڪرڻ ۾ وڌيڪ مدد فراهم ڪندو.
مثال طور، هي چيٽ بوٽ هاڻ اوهان لاءِ واٽس ايپ تي پيغام موڪلي سگهندو، ٽائمر سيٽ ڪري سگهندو ۽ ڪالز به شروع ڪري سگهندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيمنائي ايپ کي گوگل جي اي آءِ خدمتن تائين سڌي رسائي حاصل هوندي، جنهن دوران اها توهان جي ذاتي ڊيٽا اسٽور ڪندي ته جيئن بهتر سروس مهيا ڪري سگهي.
جيڪڏهن توهان اينڊرائيڊ واهپيدار آهيو ته جلد توهان کي گوگل طرفان هڪ اي ميل ملي سگهي ٿي، جنهن ۾ ان تبديلي بابت ڄاڻ ڏني ويندي.
ها، پر توهان هن فيچر کي بند به ڪري سگهو ٿا.
گوگل موجب، جيڪڏهن اوهان هي فيچر نه ٿا چاهيو ته جيمنائي ايپ جي سيٽنگز ۾ وڃي ان کي ٽرن آف ڪري سگهو ٿا.
ٻيو طريقو اهو آهي ته توهان جيمنائي ايپ کي مڪمل طور تي پنهنجي ڊوائيس مان ختم ڪري ڇڏيو.