رات جو ڏهي کائڻ گهرجي يا نه؟ طبي ماهرن جي راءِ ڄاڻيو

ڏهي کائڻ جا هونئن ته ڪيترائي طبي فائدا آهن پر ان جو بي مهلو استعمال نقصان به پهچائي سگهي ٿو.
اڪثر ماڻهن جو پيٽ کاڌو کائڻ کانپوءِ خراب ٿي ويندو، ڇو ته کين علم ناهي هوندو ته ڪهڙي وقت ڇا کائڻ گهرجي.
اهڙي ريت ڏهي کائڻ جو به هڪ مخصوص وقت آهي ۽ ماهرن طرفان اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ڏهي ڪهڙي وقت نه کائڻ گهرجي.
توڙي جو ڏهي کائڻ صحت لاءِ فائديمند آهي پر اها رات جو کائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته پيٽ جي سور سميت هاضمي جا مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ڊيري پراڊڪٽس سڻڀ ۽ پروٽين سان مالامال هوندا آهن ۽ رات جي وقت ميٽابولزم به آهستي ڪم ڪندو آهي، تنهن ڪري رات جو ڏهي نه کائڻ گهرجي.
رڳو ڏهي نه پر ان سان ٺهيل رائتو به رات جي وقت کائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهو بلغم پيدا ڪري سگهي ٿو، ان کانسواءِ جن ماڻهن کي هر وقت زڪام جي شڪايت هوندي آهي، اهي به ڏهي جي مسلسل استعمال کان پاسو ڪن، ڇو ته ان جو تاثير به ٿڌو هوندو آهي.
ماهرن موجب ڏهي کائڻ جو بهترين وقت صبح يا منجهند جو آهي، ان وقت ڏهي کي هضم ڪرڻ آسان هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.