ايپل طرفان سيپٽمبر 2025ع ۾ آءِ فون 17 سيريز متعارف ڪرائي ويندي.
هي سيريز روايتي آءِ فون 17، آءِ فون 17 پرو ۽ 17 پرو ميڪس سان گڏ ڪمپني جي سڀ کان سنهي ڊوائس ”آءِ فون 17 ايئر“ تي ٻڌل هوندي.
هن انتهائي سنهي فون بابت اڳ ئي کوڙ سارا تفصيل سامهون اچي چڪا آهن، پر هاڻ ان جو ڊمي يونٽ وڊيو جي صورت ۾ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ فون کي هر رخ کان ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو مان نه رڳو فون جو ڊزائن واضح ٿئي ٿي پر اِها ڪيتري سنهي آهي ان جو اندازو به لڳائي سگهجي ٿو.
مختلف ليڪس موجب، آءِ فون 17 ايئر جي ٿولهه لڳ ڀڳ 5.5 ملي ميٽر يا 5.65 ملي ميٽر هوندي.
جيتوڻيڪ صحيح ٿولهه بابت حتمي طور ڪجهه نٿو چئي سگهجي، پر پوءِ به هي فون نهايت متاثر ڪندڙ حد تائين سنهي هوندي، جنهن جو وزن رڳو 145 گرام هوندو.
ان کان اڳ به مختلف رپورٽن ۾ آءِ فون 17 ايئر بابت تفصيل سامهون اچي چڪا آهن.
بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب، آءِ فون 17 ايئر جي مجموعي ٿولهه رڳو 5.5 ملي ميٽر هوندي ۽ ان جي پٺيان صرف هڪ ئي ڪئميرا هوندي.
هن فون ۾ ايپل جي اَي 19 چپ ۽ ٻيا فيچرز آءِ فون 17 اسٽينڊرڊ ماڊل وانگر هوندا، جڏهن ته قيمت اٽڪل 900 ڊالرز تائين هوندي.
رپورٽ موجب، هي ايپل جي پهرين اهڙي آءِ فون به ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ ڪا به پورٽ نه هوندي.
سچ پچ هي پورٽ فري آءِ فون هوندي، جنهن بابت ڪيئي ورهين کان افواهه گردش ڪري رهيا آهن.
هينئر تائين اهڙي ڪا به سمارٽ فون متعارف نه ٿي آهي جنهن ۾ ڪائي پورٽ نه هجي، تنهنڪري هي نه رڳو دنيا جو سڀ کان سنهي سمارٽ فون هوندي پر پهرين پورٽ فري فون پڻ هوندي.
You might also like