پيءُ ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ ڊليٽ نه ڪرڻ تي ڌيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي روات ٿاڻي جي حد ۾ پيءُ ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ ڊليٽ نه ڪرڻ تي 16 ورهين جي ڌيءُ کي غيرت جي نالي تي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس طرفان داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اطلاع مليو اخلاق احمد نالي شخص پنهنجي ڌيءَ مهڪ شهزادي کي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ ختم ڪرڻ لاءِ چيو پر ڌيءَ انڪار ڪيو، جنهن تي اخلاق احمد ڪاوڙ ۾ اچي غيرت جي نالي تي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب جوابدار واردات کان پوءِ فرار ٿي ويو، جڏهن ته وارثن واقعي کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
ايس ايڇ او روات انسپيڪٽر زاهد ظھور جي سربراهيءَ ۾ پوليس ٽيم ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس ٻڌايو ته جاچ دوران واقعو قتل نڪتو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.