فيڊريشن عملدار غائب، ڊيلي الائونس نه ملڻ تي پاڪستان هاڪي ٽيم جي رانديگرن جو صبر جواب ڏئي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي ٽيم جا رانديگر اڃا تائين پنهنجن ڊيلي الائونسز جا منتظر آهن.
ذريعن موجب، ڊيلي الائونس واري معاملي تي هينئر تائين ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي ۽ فيڊريشن جي عملدارن رانديگرن کي جواب ڏيڻ به بند ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻ رانديگرن جو صبر جواب ڏئي چڪو آهي ۽ جواب نه ملڻ تي هو سخت ناراض آهن، هر رانديگر جا لڳ ڀڳ پنج، پنج لک رپيا رهتون آهن.
ذريعن موجب، ايف آءِ ايڇ نيشنز ڪپ دوران به رانديگرن کي انٽرنيشنل ڊيلي الائونس نه ڏنو ويو، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ٻن مرحلن ۾ لڳايل ڪئمپن ۾ به رانديگرن کي ڊيلي الائونسز ادا نه ڪيا ويا.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته رانديگرن کي انٽرنيشنل ميچن دوران روزانو 30 هزار رپيا ۽ ڊوميسٽڪ ڪئمپن ۾ 3 هزار رپيا ڊيلي الائونس ملندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.