ڪاڇي ۾ گاج بند جو مرمتي ڪم هميشه آبپاشي کاتي لاءِ سوني جهرڪي بڻيل رهيو دادو آبپاشي کاتي گاج ڊويزن جي نااهلي سبب کين ريڪارڊ ۾ مڪمل ڄاڻايل گاج ڊائيوريشن بند جي ڪيترن ئي حصن جو ڪم ڪڏهن به سنجيده ۽ معياري طريقي سان نه تعمير ڪرايو ويو آھي ڇوته هتي آبپاشي ڪامورن جو سڀ کان وڏي ڪمائي ۽روزگار آھي هن وقت به اڌ ۾ رهيل مرمتي ڪم جا ڪروڙين رپيا ڪرپشن ۾ هضم ڪيا ويا پر بند جي مرمت لاءِ هڪ پٿر به نه رکيو ويو
سانوڻي جي موسم سال 2019 کان 2024 تائين آيل مسلسل ٻوڏن گاج بند ٽٽڻ ڪري ڪاڇي جي علائقن ۾ بربادي ٿي ڪيترائي گهرروڊ رستا لڙھيا ۽ ڪامورن جي ڪمائي جا در کليل رهيا 2025 سانوڻي جي موسم سر تي اچي وئي آھي ليڪن بند جي نامڪمل حصن جي مرمت جو ڪم تر جيترو به نه ڪرائجي سگهيو آھي نه وري ڪا اهڙي اڳڀرائي ڪئي وئي آھي زبون حال بند جا حصا هن وقت به وهڪرن جي نشاني تي آھن آبپاشي کاتي جو ڪوبه توجهھ ناهي ڪاڇي واسين لاءِ خطرا اڃا به ٽريا ناهن ڇو ته بند جي ڪمزور حالت سبب علائقي ۾ خوف سمايل آھي جڏهن به سانوڻي اچي ٿي نئن گاج جي ٻوڏ جا وسري ويل خوف ماڻھن لاءِ وري تازا ٿي وڃن ٿا
گذريل پنجن ڇهن سالن کان نئن گاج جي ٻوڏن ۾ تباھ ٿيل گاج ڊائيوريشن بند جو آبپاشي کاتي دادو ڊويزن عملي پاران مڪمل ڄاڻايل ڪم اڃا به اڌ ۾ رهيل آهي آبپاشي ڪامورن ٺيڪيدار۔ سب انجنيئر سرويئر داروغي ۽ ٻئي عملي جي ملي ڀڳت سان مرمت جا مليل پئسا هڙپ ڪري رهيل ڪم مڪمل نه ڪرايو آھي زيرو پوائنٽ چڪري جي پيڙھ ۾ کڄندڙ ديوار جو ڪم به اڌ ۾ رهايو ويو ۽ ڪيترن ئي آرڊين جي مرمت به نه ڪرائي وئي گذريل سال بند کي پيل گهارن کي ڪامورن عارضي طور مشينري وسيلي ريتي بجري جي ڀرائي ڪري تباه ٿيل آرڊين جي گهارن کي بند ڪرايو ويو پر مضبوط طريقي سان وري به نه ٺاهيو ويو تباه ٿيل آرڊين جا حصا جيڪي ڪنهن به وقت لڙھي سگهن ٿا جڏهن ته گاج بند کي لڳل تير ڀت جي پاسن ۾ پٿرن جي پيچنگ ۾ به غيرمعياري نموني ڪم ڪرايو ويو اندرئين حصي ۾ بجري ۽ روڙي جي ڀرائي کانپوء سنهن پٿرن جي غيرمعياري نموني سان پيچنگ ڪرائي وئي جنهن ۾ تار جو به گهٽ استعمال هجڻ ڪري پٿر اکڙي ويا آھن ۽ لاپرواهي نااهلي ڪرپشن ۽ غيرمعياري ڪم جا مختلف طريقا ۽ نمونا صرف گاج بند جي مرمتي ڪم تي استمال ٿيندا رهيا انتظاميه پئسي بچائڻ جي چڪر۾ بند جي آرڊي ٽي چار پنج ۽ ارڙهن کان پنجويھ آرڊي سميت ڪيترن ئي حصن تي مرمت نه ڪرائي سگهي ۽ جاري ٿيل پئسا هڙپ ڪيا ويا بند جي حالت هن وقت تائين زبون حال نظر اچي رهي آھي
سال 2025 جي سانوڻي موسم ۾ برساتن دوران نئن گاج جي امڪاني تيز ۽ طوفاني وهڪرن ۾ بند کي ٻيهر گهارن لڳڻ واري امڪان کي به ڪنهن صورت ۾ رد نٿو ڪري سگهجي ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته آخر گاج بند جو مرمتي ڪم معياري طريقي سان ڇو نٿو ڪرايو پيو وڃي حڪومت۽ آبپاشي کاتو هزارين انسانن جي درپيش تڪليفن کي آخر حل ڪڏهن ڪندو گاج بند ٽٽڻ سبب جيڪي گهر روڊ رستا وسنديون ويڙها پاڻي جي ور چڙھي وڃن ٿا انهن کي بچائڻ لاءِگاج بند جو مضبوط هجڻ انتهائي ضروري آھي. سنڌحڪومت آبپاشي کاتي دادو۽ گاج ڊويزن انتظاميا پنهنجي ڪوتاهين ۽ ڪرپشن کي درست ڪري ڪاڇي کي ٻيهر ٻوڙائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي جيئن ڪاڇي جا رهواسي نقصان ڀوڳڻ کان بچي سگهن