آمريڪي صدر براڪ اوباما اهو چيو هو ته اسان هن نئين صدي ۾ انهيءَ نسل مان آهيون جن موسمياتي اثرن کي قبول ڪندي موسمي تبديلين جي هاڃن کي ڏٺو آهي ۽ اسان ئي اهو نسل آهيون جن جيڪي هنن موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيندا سين. قدرتي آفتن جو هڪ عالمي آفاقي اصول آهي ته ڪنهن به طاقتور قدرتي آفتن کي هڪدم روڪي نه ٿو سگهجي پر انهن جي اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ان کي انگريزيءَ ۾ DRR Disaster Risk Rediction چئجي ٿو.
پاڪستان ۾ قدرتي آفتن کان بچاءُ جا ادارا ٺهڻ جي شرعات سال 2005ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان ۾ آيل زلزلو هو.جنهن بعد پاڪستان ۾ NDMA نيشنل ڊزازسٽر مينجمنٽ اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آيو. جنهن ان وقت دنيا جي عالمي ادارن جي سهولتڪاري سان زلزلي جهڙي قدرتي آفتن کي منهن ڏنو هو.بعد ۾ سال 2010ع جي مها ٻوڏ آئي هئي ارڙهين ترميم کانپوءِ جڏهن ادارن جي صوبن کي منتقلي جي ڳالهه ٿي هئي ته PDMA پراونشل ڊزاسٽر مينجميٽ اٿارٽيون ٺاهڻ جي شروعات ٿي.سڀ کان اول خيبرپختوخواهه ۾ اها شروعات ٿي هئي. بعد ۾ پنجاب ، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پراونشل ڊزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽِيون ٺاهڻ جي ڳالهه ٿي پي ڊي ايم اي جو ضلعن ۾ نيٽ ورڪ DDMA ڊسٽرڪٽ دزاسٽر مينجميٽ اٿارٽين جي شڪل ۾ ڪيو ويو. شروع هرضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي DDMA جو سربراهه چونڊيو ويو.
صوبي سطح تي PDMA جو لاڳاپيل DDMAs جي مدد سان هر ضلعي ۾ قدرتي آفتن جي ڪانٽيجنسِي پلاننگ جو ٿئي ٿو ته هو هر ضلعي ۾ موجود يا متوقع ٿي سگهندڙ Hazart قدرتي آفتن جي نشاندهي ڪن ۽ هاو ڪانٽيجنسي پلان صوبي جي PDMA سان ونڊ Share ڪن. ته صوبو قدرتي آفتن جي وزارت صوبائي حڪومت سان ان Hazart ان خطري کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري سگهي. مثلن سنڌ جي شهرن جو اهڙو انفراسٽڪچر هئڻ گهرجي جيڪو عام ماڻهن کي انهن نقصانن کي بچائي.شهري پلاننگ پراڻيون ماڙيون، روڊ رستا ، اسپتالن ۾ موجود سهولتن جي اڻهوند ختم ڪرائڻ کان وٺي پراڻن واهن ڍورن جي رستن جي صفائي سنڌ ۾ RBDO ۽ LBDO کي ٽٽڻ کا بچائڻ پراڻن ڪينالن جي صفائي، دريائي وهڪرن دوران ڪچي ۾ زمينداري بندن جي تعمير کي روڪرائڻ ، ڪچي جي دريائي بندن جي صورتحال کي مانٽرنگ ڪرڻ وغيره ڪيتريون شيون آهن.
ضلعن ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري ۾ ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنري نظام ۾ DDMAs ڊسٽرڪٽ ڊزازسٽر مينيجمٽ اٿارٽي وارو ڪم هاڻي ڪوشش ڪري Rescue 1122 حوالي ڪيو پيو وڃي.مثال طور مختلف ڊويزنن ۾ PDMA کي جيڪو ڪم ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن کان وٺڻ گهرجي.ساڳيو ڪم Rescue 1122 کان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سنڌ ۾ Rescue 1122 جو سرگرم قيام تجربو وقتي ميڊيڪل سهولتن جو آهي. ۽ هي ادارو گهڻي ڀاڱي سال 2022ع جي برساتن کانپوءِ ٿيو آهي ۽ ضلعي انتظاميه جي ڪوشش هوندي آهي ته ضلعن جي ڪانٽيجنسي پلاننگ به Rescue 1122 کان ڪرائي وڃي.جڏهن ته ريسڪيو واري سنگت جو ڪم قدرتي آفتن وقت متاثر ڳوٺاڻن ، شهرين کي محفوظ هنڌن يا اسپتالن تائين پهچائڻ ٿئي ٿو ريسڪيو ان ئي ڪم لاءِ 1122 تي ڪال جو بندوبست به ٿيل آهي.جيڪڏهن قدرتي آفت برساتن يا ٻوڏ جي شڪل ۾ اچي وڃي ته ٽن آرس RRR ريسڪيو، رليف، ريهبليٽيشن Rescue , Relief & Rehabilitation وارو عمل ٿئي ٿو ريهبليٽيشن وارو عمل تمام پوءِ تائين هلندو رهي ٿو جئين سنڌ حڪومت جي سال 2022ع جي برساتن کان متاثرن ۾ هڪ ڪمري واري گهرن جي تعمير جيڪو لکن ۾ آهي ۽ اڃا تائين جاري آهي.
ڪنهن به قدرتي آفت اچڻ کان اڳ اڳواٽ اطلاع وارو نظام فعال هئڻ گهرجي ان کي Early Warning System چئبو آهي جيڪو فعال هئڻ ضروري آهي ان پاڪستان جو موسمياتي کاتي کي اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو ويندو آهي. مثال طور اڳ اطلاع ڳوٺن ۾ اهم نظام ريڊيو، هوندو هو هاڻ ساڳي نظام لاءِ سوشل ميڊيا جو ڪردار وڌي وڃي ٿو.
سنڌ ۾ مختلف قسم جي قدرتي آفتن کي منهن ڏنو آهي انهن ۾ سامونڊي Cyclone دريائي ٻوڏن، حد کان وڌيڪ برساتن لاءِ اڳواٽ اطلاع جو نظام موجود آهي. جيڪو وقت سر ٺيڪ پهچائڻ جو ڪوششون هئڻ گهرجن اڳواٽ اطلاع واري نظام سان گهٽ نقصان ٿيڻ ۽ ماڻهن کي قدرتي آفتن واري جاءِ تان نڪرڻ جو موقعو ملي ٿو.