ڪئليفورنيا (ويب ڊيسڪ) اسٽريمنگ سائيٽ نيٽ فلڪس جي جڳ مشهور ڪورين سيريز ’اسڪوئيڊ گيم‘ جي ٽئين ۽ آخري سيزن نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، نيٽ فلڪس جي مشهور ڪورين سيريز ’اسڪوئيڊ گيم‘ جو ٽيون سيزن 27 جون تي رليز ٿيو ۽ رليز ٿيڻ کان رڳو 72 ڪلاڪن اندر ئي پوري دنيا ۾ ڌم مچائي ڇڏي.
رليز جي ٽن ڏينهن دوران ٽئين سيزن کي 6 ڪروڙ 10 لک ڀيرا ڏٺو ويو، جيڪو نيٽ فلڪس جي تاريخ جي سڀ کان وڏي عالمي اوپننگ بڻجي ويو آهي.
هي سيريز 93 ملڪن ۾ پهرين نمبر تي رهي ۽ غير انگريزي ٻولي ۾ ٺهندڙ نائين سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ويندڙ سيريز بڻجي وئي.
نئين سيزن ۾ اڳئين سيزن جي ڀيٽ ۾ رانديون تمام سخت آهن ۽ پرتشدد منظر شامل ڪيا ويا آهن، جن تي ناظرين مختلف راءِ جو اظهار ڪيو آهي.
ڪجهه ماڻهن انهن منظرن کي حقيقت جي ويجهو قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ٻين انهن کي غير ضروري حد تائين پرتشدد سمجهيو آهي.
سيريز جي هدايتڪار هوانگ ڊونگ هيڪ موجب، هن ڀيري ڪهاڻي انساني اميد، اخلاق ۽ ڏکيا فيصلا ڪرڻ جي موضوعن جي چوڌاري ڦري ٿي، جيڪا اڳ کان وڌيڪ بهتر انداز ۾ پيش ڪئي وئي آهي.