ڪراچي(ويب ڊيسڪ) لياري جي علائقي بغدادي ۾ 5 ماڙ عمارت ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هيل تائين فوتين جو انگ 8 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته عمارت ڪِرڻ جو اطلاع ملندي ئي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون، 5 لاش ۽ 5 زخمين کي ملبي هيٺان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، ملبي هيٺ ان اڃا به 25 کان 30 ماڻهن جي دٻيل هئڻ جو خدشو آهي، جن کي ڪڍڻ لاءِ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته موبائل سگنل بند هئڻ سبب ريسڪيو سرگرمين ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
رستا جي بندش سبب هيوي مشينري جي پهچڻ ۾ دير ٿي
ريسڪيو اختيارين موجب، عمارت ۾ ڇهه خاندان رهندڙ هئا ۽ ملبي هيٺ دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش جاري آهي، هيوي مشينري ذريعي ملبو هٽايو پيو وڃي، جڏهن ته متاثر عمارت جي ڀرسان موجود 2 ۽ 7 ماڙ عمارت به خالي ڪرائي وئي آهي، متاثر عمارت جي بجلي ۽ گئس جون لائينون به ڪٽيون ويون آهن.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته روڊ بند هجڻ ڪري به هيوي مشينري جي پهچڻ ۾ دير ٿي، بهرحال حادثي کانپوءِ مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون هيون.
انتظاميا عمارت کي زبون قرار ڏنو هو: ايس بي سي اي ذريعا
ايس بي سي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمارت 30 سال پراڻي ۽ زبون حالت ۾ هئي، انتظاميا ان ”خطرناڪ“ قرار ڏنو هو، جڏهن ته علائقي واسين جو چوڻ آهي ته عمارت بابت کين ڪنهن به قسم جو نوٽيس جاري نه ڪيو ويو هو.
ايس بي سي اي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ 578 زبون عمارتون موجود آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ ڏکڻ ضلعي ۾ آهن.
وڏي وزير جو نوٽيس
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لياري واقعي جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته حادثي بابت ترت رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
وڏي وزي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين کان زبون حال عمارتن جا تفصيل طلب ڪندي چيو ته خطرناڪ عمارتن جي ترت نشاندهي ڪئي وڃي، غفلت يا لاپرواهي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، انساني جانين جو تحفظ پهرين ترجيح آهي.
ٻئي پاسي گورنر سنڌ به عمارت ڪِرڻ واري واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي زخمين کي ترت طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.
اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي قائم
بلديات کاتي جي ترجمان موجب، لياري ۾ عمارت ڪِرڻ واري افسوسناڪ واقعي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا 3 ڏينهن اندر غفلت ڪندڙ عملدارن جي نشاندهي ڪندي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته مڪاني ادارن واري صوبائي سعيد غني وزير سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.
ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جي به جاچ ڪئي پئي وڃي ته زبون حال عمارت بابت رهواسين کي نوٽيس ڇو نه ڏنو ويو.
متاثرن بيان
لياري ۾ ڪِرندڙ 5 ماڙ عمارت جي مالڪ عورت جي ڀائيٽي نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته عمارت جي هر فلور تي 3 پورشن هئا، هو جڏهن به هتي ايندو هو، عمارت ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي.
سندس چوڻ هو ته خاندان جا ماڻهو چوٿين ماڙ تي رهندا هئا، عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو آهي ۽ سندس پٽ فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٽي مائيٽ اڃا تائين ڦاٿل آهن.
صدر ۽ وزيراعظم جو بيان
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف به عمارت ڪِرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت کي امدادي سرگرمين ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.