پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسان جي حڪومت مضبوط آهي، ڪو به ميمبر ڪيڏانهن ڪو نه پيو وڃي، جنهن کي شوق آهي ته بي اعتمادي رٿ آڻي، حقيقت سامهون اچي ويندي.
پشاور سينيئر صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته جيڪڏهن اسان بجيٽ پاس نه ڪرايون ها ته حڪومت هلي وڃي ها ۽ ان جو ذميوار اسان پاڻ هجون ها ۽ مخالف ڌر خوشيون ملهائي ها، اسان جي پنهنجن ئي ماڻهن اِها واويلا ڪئي ته بجيٽ پيش نه ڪريو ۽ پوءِ بجيٽ پاس نه ٿيڻ جو گوڙ ڪيو.
علي امين گنڊاپور چيو ته جڏهن پارٽي جي پيٽرن انچيف کي بئريسٽر سيف بجيٽ بابت آگاهي ڏني ته هن بجيٽ جي منظوري تي اطمينان جو اظهار ڪيو، بجيٽ ۾ رڳو اسان جي ٻن ميمبر ووٽ نه ڏنو ۽ سڀني کي خبر آهي ته اهي ڪنهن جا ماڻهو آهن.
هن چيو ته صوبائي اسيمبلي جي نون ميمبرن جي حلف کانپوءِ معاملا واضح ٿيندا، هن وقت اسيمبلي ۾ سڀ ميمبر آزاد حيثيت ۾ آهن، ڇو ته آئيني بئنچ جي فيصلي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جو پهريون فيصلو ختم ٿي چڪو آهي.
وڏي وزير چيو ته مان آزاد ناهيان، مان پي ٽي آءِ جو ميمبر آهيان، مون پنهنجي نامزدگي فارم ۾ پاڻ کي آزاد نه پر پي ٽي آءِ جو ڄاڻايو هو. سينيٽ جي 21 جولاءِ تي ٿيل چونڊن بابت مشاورت ڪئي ويندي، گورنر اسان جو ڪجهه به بگاڙي نه ٿو سگهي، اهو رڳو حوال ڪندو آهي.
علي امين گنڊاپور چيو ته مان پنهنجي نامزدگي ڪاغذن جي بنياد تي عدالت سان رابطو ڪرڻ وارو آهيان ته جيئن ان بنياد تي اسان کي مخصوص سيٽون ڏنيون وڃن. سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پوليس، ڪسٽمز ۽ ايڪسائيز جي گڏيل چيڪ پوسٽ ٺاهڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکي رهيو آهيان.
هن چيو ته مون ساڍا 11 ڪروڙ جا بسڪٽ نه کاڌا، اها رقم وزيراعليٰ هائوس ۽ سيڪريٽريٽ جي 400 ڪلاس فور ملازمن لاءِ کاڌ خوراڪ تي خرچ ڪئي وئي، مان جيڪڏهن خرچ ڪريان ٿو ته اڍائي سئو ڪروڙن جي بچت به ته ڪئي آهي.
هن چيو ته بيروڪريسي کي ڪنٽرول ۾ رکڻ سياسي ماڻهن جو ڪم هوندو آهي ۽ اسان اهو ڪري ڏيکارينداسين، مان اِهو نه ٿو چوان ته ڪرپشن ختم ٿي وئي آهي، پر اسان ان تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي.
وڏي وزير وڌيڪٰ چيو ته مان 12 سال نه،پر پنهنجي حڪومت جي 15 مهينن جو حساب ڏيڻ جو پابند آهيان. صوبي جي بند صنعتن کي هلائڻ لاءِ سستي بجلي فراهم ڪئي ويندي.
You might also like