پاڪستان جي پنج جبل چاڙهن هڪ ئي ڏينهن ۾ نانگا پربت جي چوٽي سر ڪري ورتي

پاڪستان جي 5 جبل چاڙهن گذريل 24 ڪلاڪن دوران دنيا جي نائين ۽ پاڪستان جي ٻي وڏي چوٽي نانگا پربت سر ڪري ورتي.
انهن مان 2 جبل چاڙهن بنا ڪنهن مصنوعي آڪسيجن جي 8 هزار 126 ميٽر بلند نانگا پربت جي چوٽي سر ڪئي.
مرحوم جبل چاڙهو علي رضا صدپارا جو پٽ اشرف صدپارا به اڄ نانگا پربت سر ڪيو، ان سان گڏ اشرف صدپارا پاڪستان ۾ موجود سڀني 8 هزار ميٽر کان بلند 5 چوٽيون سر ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.
الپائن ڪلب آف پاڪستان ۽ پاڪستان جي مائونٽينئرنگ ڪميونٽي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران نانگا پربت سر ڪندڙ جبل چاڙهن ۾ ڊاڪٽر رانا حسن جاويد، علي حسن، سهيل سخي، اشرف صدپارا ۽ شير زاد ڪريم شامل آهن، جن مان اشرف صدپارا ۽ سهيل سخي بنا آڪسيجن جي چوٽي سر ڪرڻ جو اعزاز ماڻيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.