پاڪپتڻ (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي حڪم تي پاڪپتڻ جي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر (ڊي ايڇ ڪيو) اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ (ايم ايس) ۽ سي اي او صحت کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
وزيراعليٰ مريم نواز پاڪپتڻ جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جو دورو ڪري 20 ٻارڙن جي فوتگيءَ جو نوٽيس ورتو ۽ ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا.
سرڪاري ذريعن موجب، ايم ايس ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۽ سي اي او صحت پاڪپتڻ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جنهن تي پوليس ٻنهي عهديدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
سي اي او ڊاڪٽر سهيل ۽ ايم ايس ڊاڪٽر عدنان غفار خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.
پنجاب حڪومت جي ترجمان موجب، ايم ايس ۽ ٻين عملدارن حقيقتن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪپتڻ جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ 20 تازن ڄاول ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو هو. اهي فوتگيون 16 جون کان 22 جون جي وچ ۾ ٿيون.
وارثن جو الزام آهي ته ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي لاپرواهي ۽ اسپتال ۾ آڪسيجن سيلينڊرن جي کوٽ سبب ٻارڙا فوت ٿيا.
پاڪپتڻ :ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ٻارن جي فوتگين وارو مامرو، مريم نواز جي حڪم تي ايم ايس ۽ سي اي او گرفتار
You might also like