لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فيلڊنگ ڪوچ محمد مسرور پنهنجي ذميوارين تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
محمد مسرور پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”ٽيم سان گڏ منهنجو باب پڄاڻي تي پهتو، سڀني رانديگرن جي اعتماد ۽ اسٽاف جي سپورٽ ڪرڻ تي ٿورائتو آهيان.“
هن وڌيڪ چيو ته ” مان پاڪستان ڪرڪيٽ جو هميشه حصو رهندس، بنا ڪنهن مايوسي يا افسوس جي پنهنجو عهدو ڇڏي رهيو آهيان.“
ذريعن موجب، محمد مسرور جو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سان معاهدو سيريز ٽو سيريز جي بنياد تي هو، جڏهن ته پي سي بي هاڻ سپورٽ اسٽاف ۾ نين مقررين جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شين ميڪڊرميٽ کي فيلڊنگ ڪوچ ۽ گرانٽ لوڊن کي اسٽرينٿ اينڊ ڪنڊيشننگ ڪوچ جي ذميواري ڏيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، اڳوڻو فاسٽ بالر عمر گل کي پاڪستان شاهينز سان ذميواري ڏيڻ جا چٽا امڪان آهن، پي سي بي جلد ئي نون مقررين بابت باظانطا اعلان ڪندو.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سپورٽ اسٽاف لاءِ نون ڪوچز جي مقرري لاءِ اشتهار ڏئي چڪو آهي، جنهن تحت پرڏيهي ڪوچن کي شامل ڪرڻ جو ارادو آهي.
پي سي بي طرفان شارٽ لسٽ ڪيل اميدوارن ۾ به پرڏيهي ڪوچز شامل آهن، جن ۾ شان ميڪڊرميٽ ۽ گرانٽ لوڊن جو نالو پڻ شامل آهي.