ڀارتي حڪومت بي سي سي آءِ کي بنگلاديش جو دورو ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت، بي سي سي آءِ کي بنگلاديش جو دورو ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي تڪرار سبب مودي سرڪار اهو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ به ڀارتي ٽيم خلاف سيريز جا ميڊيا رائيٽس وڪرو ڪرڻ جو عمل روڪي ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي براڊڪاسٽرن کي به آگاهه ڪيو ويو آهي ته هاڻي اها سيريز نه ٿيندي.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي هڪ اهلڪار موجب، هن وقت تائين سيريز جون تاريخون طئي نه ٿي سگهيون آهن، جڏهن ته بي سي سي آءِ ٻڌايو آهي ته آگسٽ ۾ دورو ڪرڻ مشڪل آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، دوري جي ملتوي ٿيڻ بابت جلد باظابطا اعلان ڪيو ويندو.
واضح رهي ته ڀارتي ٽيم کي 17 آگسٽ کان 31 آگسٽ تائين بنگلاديش جو دورو ڪرڻو هو، جنهن دوران ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ٿيڻي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.