ملير مان نوجوان پراسرار نموني گم، وارث پريشان

ڪراچي ( عوامي آواز نيوز) ملير جي علائقي ڀٽائي آباد مان نوجوان جي پراسرار گمشدگي وارثن کي شديد پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، وارثن موجب نوجوان فراز جوڻيجو 3 ڏينهن اڳ گهران ڪنهن ڪم سان نڪتو هو، پر ان کانپوءِ هو واپس نه آيو. وارثن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت علائقي ۾ ڳولا ڪئي وئي، پر ڪٿي به سندس ڪو پتو نه پيو. بعد ۾ معاملو پوليس جي ڄاڻ ۾ به آندو ويو، پر اڃا تائين ڪو به پيش رفت سامهون ناهي اچي سگهي. نوجوان جي ڀاءُ امين جوڻيجو ٻڌايو ته، اسان هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، اسپتالن، دوستن، علائقي جي ويجهڙائي وارن جا در کڙڪايا آهن، پر اسان جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود هن وقت تائين ڪو به سراغ نٿو ملي. ان موقعي تي وارثن پاران اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي وئي آهي ته نوجوان جي ڳولا لاءِ جديد طريقي سان جاچ ڪئي وڃي ۽ جلد کيس بازياب ڪيو وڃي، جيئن پريشان حال خاندان کي سڪون ملي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.