ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي زبون حال عمارتون موجود آهن، جن جي رهواسين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، پر اِهي علائقو ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ماڻهن جون پنهنجون مجبوريوُن آهن، پر قانون تي عمل ڪرائڻ ضروري آهي.
هن چيو ته ڪجهه بلڊرز ضابطن ۽ قانونن جي پاسداري نٿا ڪن، انهن کي بليڪ لسٽ ڪرڻو پوندو.
صوبائي وزير اهو به چيو ته”سڀ کان اهم شهري آهن جيڪي انهن ماڻهن کان گهر خريد ڪن ٿا، تن کي به احتياط ڪرڻ گهرجي.“
واضح رهي ته لياري جي علائقي بغدادي ۾ 5 ماڙ عمارت ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هيل تائين فوتين جو انگ 8 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن.