ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لياري جي علائقي بغدادي ۾ 5 ماڙ عمارت ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هيل تائين فوتين جو انگ 8 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن.
متاثر عمارت جي ٻاهران موجود هڪ عورت نيڪ ٻائي ملبو هٽڻ جو انتظار ڪري رهي هئي.
ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن ڌيءَ ڊوڙي اچي کيس ٻڌايو ته چاچي جي گهر واري عمارت ڪِري پئي آهي ۽ جڏهن هو هتي پهتا ته عمارت ڊهي پٽ پئجي وئي هئي .
سندس چوڻ هوته سندن ڏير جي ڪٽنب جا پنج ڀاتي اندر دٻيل آهن” بس دعا ڪريو ته هو زندهه نڪرن.“