لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي راڄڌاني لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ پوليس پالتو شِينهن طرفان 3 ٻار زخمي ڪرڻ واري واقعي تي شِينهن جي مالڪ خلاف ڪيس داخل ورتو.
جوهر ٽائون ٿاڻي ۾ زخمي ٻارن جي پيءُ جي فرياد تي داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب، ٽي جولاءِ تي سندس ٽئي ٻارگهٽي ۾ کيڏي رهيا هئا جنهن دوران اوچتو ويجهو موجود هڪ اوطاق جي ڀِت ٽپي خونخوار شِينهن ٻارن مٿان حملو ڪري ڏنو.
متاثر ٻارن جي پيءُ جو چوڻ هو ته شِينهن ٻارن ته پَنجَن ۽ ڏندن سان حملو ڪيو، ٻار ڊپ ۽ حراس سبب رڙيون ڪري رهيا هئا، پر شِينهن جو مالڪ (جوابدار) تماشو ڏسي رهيو هو.
والد موجب، ٻارن تي حملو ڪري شِينهن ٻيهر ٽپو ڏئي اوطاق ۾ واپس هليو ويو، واقعي کانپوءِ جوابدار پنهنجي پالتو شِينهن کي گاڏيءَ تي کڻي واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو.
پوليس قتل جي ارادي سميت پنجاب وائلڊ لائيف ايڪٽ جي مختلف شقن تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
پنجاب جي جهنگلي جيوت کاتي موجب، واقعي جي اطلاع ملڻ تي وائلڊ لائيف رينجرز جا اهلڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ بنا لائسنس شِينهن رکندڙ همراهه کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته شِينهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو.
جهنگلي جيوت کاتي جي اختيارين موجب، بنا لائسنس ۽ حفاظتي قدمن کانسواءِ شِينهن رکڻ ضمانت نه ٿيڻ جوڳو ڏوهه آهي جنهن جي ڀڃڪڙي تي ست سال ٽيپ ۽ پنجاهه لک رپيا ڏنڊ جي سزا مقرر آهي.
هنن جو چوڻ آهي
اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته وائلڊ لائيف جي نون قانونن تحت شِينهن رکڻ لاءِ باظابطا اجازت نامو، مقرر ڪيل سائيز جو پڃرو ۽ ايس او پيز تي عملدرآند لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
You might also like