آمريڪا ايراني تيل جي واپار ۾ ملوث ڀارتي ۽ پاڪستاني ڪمپنين تي پابندي مڙهي ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته اهڙين ڪمپنين ۽ بحري جهازن تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن جيڪي ايراني ڪچي تيل، پيٽروليم ۽ پيٽروڪيميڪل شين جي واپار ۾ ملوث آهن.
آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”ايراني حڪومت وچ اوڀر ۾ تڪرارن ۽ عدم اسحڪام کي هوا ڏئي رهي آهي، واپار ۾ رنڊڪ وجهي رهي آهي ۽ دهشتگردن سميت پراڪسي گروپن کي مالي مدد فراهم ڪري رهي آهي.“
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”اڄ آمريڪا اهڙي آمدني جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا آهن، جنهن ذريعي ايراني حڪومت پنهنجي تباهه ڪندڙ سرگرمين جي مدد ڪري ٿي ۽ پنهنجي عوام تي ظلم ڪري ٿي.“
آمريڪي اختيارين موجب، ڀارت ۾ قائم ”سائي سبوري ڪنسلٽنگ سروسز“ ۽ پاڪستان جي ”الائنس انرجي“ نالي ڪمپنيون ايراني تيل جي واپار ۾ ملوث آهن.
ان کانسواءِ گڏيل عرب امارتن جي ”بريز مرين ايسٽ مئنيجمينٽ“ ۽ پاناما جي ”آئل انويشن“ جا نالا به ڏنا ويا آهن.
ان سان گڏوگڏايراني پيٽروڪيميڪل شين جي واپار ۾ ملوث ٻين ڪمپنين ۾ ”ڪاوا ميٿانول ڪمپني“، ”اريا سينا ڪنٽرول انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل انسپيڪشن“ ۽ ”ايشيا سي اينجل شپنگ ڪو“ جا نالا شامل آهن.
آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب، نامزد ڪيل ماڻهن ۽ ڪمپنين جي آمريڪا ۾ موجود سڀني ملڪيتن ۽ اثاثن تي قبضو ڪيو ويندو.
آفيس آف فارن اسيٽس ڪنٽرول (او ايف اي سي) جي ويب سائيٽ موجب، ”الائنس انرجي“ لاهور ۾ قائم هڪ خانگي ڪمپني آهي، جيڪا ”پريشيئن گلف پيٽروڪيميڪل انڊسٽري ڪمرشل“ سان گڏجي واپار ڪندي رهي آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي بيان موجب، ڀارتي ڪمپني ”سائي سبوري“ جو ايل پي جي ٽينڪر ”بيٽليور“ سيپٽمبر 2022 دوران ايران مان پيٽروليم شين جي منتقلي ۾ ملوث هو ۽ ان ”الائنس انرجي“ لاءِ ائين ڪيو جنهن تي اڳ ئي پابندي مڙهيل هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.