راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ اتر وزيرستان جي علائقي ۾ افغانستان سان لڳندڙ سرحد وٽان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ 30 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، 2 ۽ 3 جولاءِ جي وچ واري رات افغانستان ۽ پاڪستان جي سرحد تي دهشتگردن جي وڏي گروهه جي چر پر ڏٺي وئي، جيڪي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج فتنه الهندوستان جي خوارجن جي دراندازي جي ڪوشش کي اثرائتي طريقي سان ناڪام بڻائيندي سمورن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو، مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو .
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي دوران غير معمولي پيشيوراڻين صلاحيت جو مظاهرو ڪندي ملڪ کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو.
آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو پاڪستان خلاف دهشتگرد ڪارروائين لاءِ افغان سرزمين کي ”غير ملڪي پراڪسيز“ ذريعي استعمال ٿيڻ کان روڪين.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي دفاع ۽ پاڪستان مان ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي جي خاتمي جي پنهنجي عزم تي قائم آهن.
سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، ڀارتي حمايت يافتا 30 دهشتگرد ماريا ويا، پاڪ فوج افغانستان حڪومت کان وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو
Next Post
You might also like