چيٽ جِي پِي ٽِي کان هي 9 ڪم ڪڏهن به نه ڪرائجو

چيٽ جِي پِي ٽِي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ مشهور هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ ) تي ٻڌل چيٽ بوٽ آهي، جنهن کي لکين ماڻهو روزانو مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿا.
جيئن ته هي ٽول ڪيترن ئي لاڀائتن مقصدن لاءِ استعمال ٿئي ٿو، پر ڪجهه اهڙا ڪم به آهن جيڪي چيٽ جِي پِي ٽِي کان ڪرائڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا، ڇو ته اِهو صحيح معلومات نه ٿو ڏئي سگهي يا تازي ڄاڻ کان اڻواقف هوندو آهي.
ته پوءِ اچو ته ڄاڻون ته ڪهڙا ڪم چيٽ جِي پِي ٽِي کان قطعي نه ڪرائڻ گهرجن:

1- صحت جي مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ
جيڪڏهن توهان پنهنجي بيماري جي علامتن بابت چيٽ جِي پِي ٽِي کان پڇو ٿا ته اهو غلط نتيجا ڏئي سگهي ٿو، مثال طور زڪام کي ڪينسر قرار ڏئي سگهي ٿو.
چيٽ جِي پِي ٽِي کان صحت بابت معلومات وٺي سگهو ٿا، پر بيماري جي صحيح نشاندهي رڳو ڊاڪٽر ئي ڪري سگهي ٿو.

2- ذهني صحت لاءِ مشورو وٺڻ
چيٽ جِي پِي ٽِي ذهني صحت جي مسئلن لاءِ ڪا حقيقي مدد نه ٿو ڏئي سگهي ٿو، ڇو ته اهو توهان جي احساسن کي سمجهي نه ٿو سگهي، فقط لفظن تي ٻڌل جواب ڏيندو آهي.

3- مالي يا ٽئڪس جي رٿابند
مالياتي يا ٽئڪس جي بنيادي ڄاڻ ته ڏئي سگهي ٿو، پر جديد ٽئڪس قانونن يا مالي حساب ڪتاب ۾ درست هدايتون نه ٿو ڏئي سگهي ۽ ان جي ڊيٽا پراڻن مالي سالن تائين محدود هوندي آهي.

4- حساس ڊيٽا جي سمري يا وضاحت ڪرڻ
قانوني بيان، ميڊيڪل رپورٽ يا ڪلائنٽ معاهدا وغيره چيٽ جِي پِي ٽِي ذريعي سمجهائڻ مناسب ناهي، ڇو ته توهان جي ڊيٽا محفوظ نه ٿي رهي ۽ ٿرڊ پارٽي تائين پهچي سگهي ٿو.

5- ڪو به غير قانوني ڪم
ڪابه غير قانوني سرگرمي، جهڙوڪ هئڪنگ، فراڊ وغيره لاءِ چيٽ جِي پِي ٽِي جو استعمال اخلاقي ۽ قانوني طور غلط آهي.

6- اسڪول يا ڪاليج جو هوم ورڪ ڪرائڻ
شاگرد پنهنجو هوم ورڪ چيٽ جِي پِي ٽِي کان ڪرائين ٿا، پر اِهو عمل نقل جيان آهي ۽ سکيا جا مقصد پورا نه ٿا ٿين، انڪري بهتر رهندو ته ٽول کي رڳو مدد لاءِ استعمال ڪيو وڃي.

7- تازه ترين خبرون يا ڄاڻ وٺڻ
جيڪڏهن توهان کي تازي اسپورٽس اسڪور، خبرون يا ويب پيجز گهرجن ته هر دفعي چيٽ جِي پِي ٽِي کي خاص طور هدايت ڏيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اهو وقت وٺي سگهي ٿو ۽ توهان کي واڌو ڪم ڪرڻو پئجي سگهي ٿو.

8- ايمرجنسي يا حياتي بچائڻ وارا فيصلا
چيٽ جِي پِي ٽِي نه ته گئس جي ڌَپ سنگهي سگهي ٿو نه ئي باهه ڪي خطري کان آگاهه ڪري سگهي ٿو، تنهنڪري اهڙي قسم جي صورتحال ۾ هميشه اصل امدادي ادارن سان رابطو ڪريو.

9- قانوني دستاويز تيار ڪرڻ
وصيت، معاهدا يا ٻيا قانوني ڪاغذ رڳو وڪيل ئي ٺاهي سگهن ٿا، چيٽ جِي پِي ٽِي رڳو بنيادي ڄاڻ ڏئي سگهي ٿو، ڇو ته هر ملڪ جا قانون مختلف هوندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.