هاڻي ماکيءَ جون مکيون رسيڪيو آپريشن ڪنديون…!

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي سائنسدانن دنيا جي اهڙي سڀ کان هلڪي ڊوائس تيار ڪري ورتي آهي جيڪا ڪنهن به جيت جي دماغ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، اها ننڍڙي ڊيوائس جيڪا ماکيءَ جي مکين جي دماغ کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي، رڳو 74 ملي گرام وزن رکي ٿي.
اِها ڊيوائس ماکيءَ جي مکين جي اُن خاني کان به هلڪي آهي، جنهن ۾ هو ماکي گڏ ڪن ٿيون.
واضح رهي ته عام طور تي ماکيءَ جي مکيون جيڪو خانو ماکي گڏ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ٿيون، اُن جو وزن لڳ ڀڳ 80 ملي گرام هوندو آهي.
بيجنگ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ماهرن جو خيال آهي ته ان ڊيوائس جي مدد سان ننڍن جيتن جي دماغن کي ڪنٽرول ڪري، آفت سٽيل علائقن جهڙوڪ زلزلي کانپوءِ بچي ويل ماڻهن جي ڳولا ۽ بچاءَ ۾ مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي.
پروفيسر زائو جي لئانگ جي اڳواڻيءَ ۾ بيجنگ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي هڪ ٽيم اهڙي ڊيوائس تيار ڪئي آهي، جيڪا جيت جي دماغ تائين پهچي اُن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
هي ڊيوائس ماکيءَ جي مکين جي پٺي سان ٻڌي ويندي آهي ۽ ٽن ننڍڙين سوئين ذريعي ان جو رابطو مکين جي دماغ سان قائم ڪيو ويندو آهي.
ان کانپوءِ آپريٽر مخصوص برقي سگنلن ذريعي مکين کي ڪنهن به خاص طرف اڏامڻ جا حڪم ڏئي سگهن ٿا.
رپورٽ موجب، تجربن دوران 90 سيڪڙو مکيون انهن حڪمن جي پوئواري ڪئي.
تحقيق دوران ماهرن ماکيءَ جي مکين کي مختلف طرفن ۾ اُڏائڻ ۾ ڪامياب رهيا، پر ڊيوائس کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم جاري آهي ته جيئن مستقبل ۾ ڏکيائين سان ڀرپور ريسڪيو آپريشنن کي جيتن جي مدد سان وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.